افغانستان ۾ طالبان ٻڌايو آهي ته سندن سيڪيورٽي فوج داعش جي ٻن ڪمانڊرن کي ماري ڇڏيو آهي. گاديءَ واري هنڌ ڪابل ۾ داعش جي هڪ ٺڪاڻي تي رات جو ڪيل ان ڪاروائيءَ ۾ اهي هلاڪتون ٿيون.
ان اعلان کان اڳ آمريڪا هڪ نئين رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته داعش جا تقريبا ٽي هزار جنگجو ڏکڻ ايشيا جي هن ملڪ ۾ متحرڪ آهن ۽ دهشت گرديءَ جون ڪاروائيون ڪري رهيا آهن.
طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد رات دير سان ٻڌايو ته آچر جي رات افغانستان ۾’داعش جي انٽيلي جينس ۽ آپريشنز’ جو اڳواڻ پڻ ان ڪاروائيءَ ۾ ماريو ويو.
مجاهد مارجي ويل ان ليڊر جي سڃاڻپ قاري فتح جي نالي سان ڪئي آهي.
اسلامڪ اسٽيٽ خراسان، داعش سان لاڳاپيل افغان ڌڙو آهي ۽ طالبان جو خاص دشمن آهي. طالبان ترجمان چيو ته فتح تازو ئي سفارتخانن، مسجدن ۽ ڪابل ۾ ٻين هنڌن کي نشانو بنائڻ وارو اهم منصوبه ساز هيو.
مجاهد ٻڌايو ته افغانستان جي امارات اسلاميه (طالبان حڪومت جو سرڪاري نالو) جي خصوصي فوج ڪابل جي هڪ رهائشي علائقي خير خانه ۾ ڪاروائيءَ دوران مجرم کي ٺڪاڻي لڳايو.
آئي ايس خراسان طالبان جي پاران چوٽيءَ جي ليڊر کي مارڻ جي دعوائن تي فوري بيان نه ڏنو آهي.
مجاهد سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته هن مهيني جي شروع ۾ طالبان جي انسداد دهشت گرديءَ جي هڪ ڪاروائيءَ دوران ڏکڻ ايشيا ۾ داعش جي اڳواڻ اعجاز امين اهنگر کي ٻن ڪمانڊرن سميت ماري ڇڏيو هو. هن وضاحت ڪرڻ کان سواءِ چيو ته تازن ڏينهن دوران ’’غير ملڪين سميت داعش جي ڪيترن ئي ميمبرن’’ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
آئي ايس خراسان به گزريل هفتي اهنگر جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي هئي. اهنگر کي ابو عثمان الڪشميريءَ جي طور تي به ڄاتو ويندو هو. آئي ايس خراسان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو 14 فيبروريءَ تي طالبان سان ٿيڻ واريءَ هڪ جهڙپ ۾ ماريو ويو. ليڪن هنن ان اهو نه ٻڌايو ته هن کي ڪنهن هنڌ ماريو ويو.
طالبان آگسٽ 2021 ۾ اقتدار سنڀالڻ ۽ آمريڪي فوجن جي انخلا کان پوءِ آئي ايس خراسان جي خلاف ڪاروائيون جاري رکيون آهن. جيسيتائين داعش جو تعلق آهي ته اهو گروپ شهرين، طالبان جي ميمبرن ۽ سفارتي مشنز کي هدف بنائڻ لاءِ وڏا حملا ڪندو رهيو آهي.
آمريڪا آئي ايس خراسان کي داعش سان لاڳاپيل ’خطرناڪ’ گروپ قرار ڏيندو رهيو آهي ۽ کيس طالبان جي انسداد دهشت گرديءَ جي ڪوششن کي موثر بنائڻ جي باري ۾ شڪ ۽ شبهو رهيو آهي.
آمريڪا جي پرڏيهي کاتي دهشت گرديءَ متعلق سال 2021 ۾ افغانستان جي باري ۾ رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ هن طرف ڌيان ڇڪايو ويو و ته داعش ۽ علائقائي دهشت گرد گروپ افغانستان ۾ ’فعال موجودگي’ رکن ٿا ۽ دهشت گرديءَ جون ڪاروائيون ڪندا رهن ٿا.
عالمي برادريءَ طالبان کي افغانستان جي جائز حڪمران طور اڃان تائين تسليم نه ڪيو آهي ۽ ان تي زور ڏنو آهي ته اهي انساني حقن جو احترام ڪن، عورتن جي تعليم ۽ ڪم تي پابنديءَ کي ختم ڪن، دهشت گرد گروهن سان پنهنجا ناتا ٽوڙن ۽ سياسي طور تي سڀني کي ساڻ وٺي حڪومت هلائن.
طالبان پنهنجي حڪومت جو دفاع ڪندي چون ٿا ته انهن جا اقدامات مڪاني ثقافت ۽ اسلامي شريعت جي مطابق آهن. اهي افغانستان ۾ داعش خراسان گروپ جي هزارين جنگجوئن جي موجودگيءَ جي اطلاعن کي به بنياد قرار ڏيندي انهن کي مسترد ڪندا رهندا آهن.
(وي او اي نيوز)