رسائی کے لنکس

عالمي اداري پاران افغانستان جي لاءِ 4 ارب 60 ڪروڙ ڊالر جي اپيل


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

گڏيل قومن جي اداري خميص ڏينهن ڇهه ارب ڊالر جو فنڊ ڪٺو ڪرڻ جي اپيل جاري ڪئي آهي ته جيئن هن سال ٻه ڪروڙ 30 لکن کان وڌيڪ معاشي طور تي ڏتڙيل افغان شهرين جي مدد ڪري سگهجي.

ان سلسلي ۾ ان کان اڳ ڪيترن هفتن تائين اهو مباحثو جاري رهيو ته ڇا افغانستان جي لاءِ انساني همدرديءَ جي ڪاروائين کي مهمل ڪيو وڃي يا انهن ۾ ڪمي آندي وڃي.

انساني همدرديءَ جي اپيل گزريل سال جنوريءَ جي شروع ۾ تيار ڪئي وئي هئي، ليڪن 24 ڊسمبر تي موجوده طالبان عهديدارن پاران امدادي ڪارڪن عورتن تي پابنديءَ جي اعلان جي نتيجي ۾ عالمي اداري جي قيادت ۾ امدادي ڪاميٽيءَ پنهنجون ڪاروائيون جزوي طور تي معطل ڪري ڇڏيون هيون، ۽ ڪيترن ئي بين الاقوامي غير سرڪاري ادارن احتجاج ڪندي مڪمل طرح بند ڪري ڇڏيون هيون.

حالانڪه اهو واضح ڪونهي ته طالبان امدادي ڪم تي صنفي پابندي ڪيسيتائين ختم ڪندا، گڏيل قومن جي اداري چيو آهي ته فنڊز جي اپيل جاري ڪئي وئي آهي ته انساني همدرديءَ جا پروگرام ايندڙ ڇهن مهينن جي لاءِ تجرباتي طور تي انجام ڏنا ويندا.

اپيل ۾ چيو ويو آهي ته انساني همدرديءَ جي ڪاروائين ۾ خواتين جي شموليت تي پابنديءَ جا سڀني ضرورت مندن تي هاڃيڪاراثر مرتب ٿيندا، ليڪن خاص طور تي عورتن ۽ نينگرين تي جيڪي اڳ ۾ ئي معاشري جو سڀ کان ڏتڙيل طبقو آهي.

افغانستان ۾ صنفي بنياد تي انساني همدرديءُ جي بحران جي ڪري عالمي اداري چيو آهي ته جيڪڏهن اپيل ۾ پيش ڪيل فنڊ دستياب ٿيا ته هڪ ڪروڙ ڏهن لکن کان وڌيڪ افغان عورتن ۽ نينگرين کي خوراڪ، صحت، پناه گاه ۽ تعليمي سهولتن جي فراهميءَ ۾ سهڪار ڪيو ويندو.

گڏيل قومن جي اداري جي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائنده، روزا اوتن بايوف اربع ڏينهن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته هن وقت افغانستان جي عورتن جي حقن جي حوالي سان بدستور دنيا جو آپيشاهي۽ وارو ۽ زورآر ملڪ آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG