رسائی کے لنکس

ڀارت ايندڙ مهينن اندر دنيا جو سڀ کان وڏي آدم شماريءَ وارو ملڪ بنجڻ وارو آهي


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

گڏيل قومن جي اداري پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ڀارت 2023 جي وچ ڌاران چين کي پوئتي ڇڏي آدم شماريءَ جي لحاظ کان دنيا جو سڀني کان وڏو ملڪ ٿي ويندو.

ليڪن ان باري ۾ سوال اٿي رهيا آهن ته ڇا نوجوان نسل ايندڙ سالن ۾ ڀارت جي اقتصادي ترقيءَ ۾ واڌاري جو سبب بڻبا يا رڳو ٻوجهه وڌندو.

ڀارت جي 25 ڪروڙ 40 لک ماڻهن جون عمريون 15 کان 24 سال آهن، جيڪو دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سڀني کان وڏو تعداد آهي. ٻئي پاسي، چين جي آدم شماريءَ ۾ وڏيءَ عمر وارن جي انگ ۾ واڌ ۽ ڄمڻ جي رفتار ۾ ڪمي درپيش آهي.

ٻنهي ملڪن ۾ توازن جي اها هيٺ مٿاهين انهن اميدن کي جنم ڏئي ٿي ته آدم شماريءَ جون اهي تبديليون ڀارت جي لاءِ اقتصادي ۽ عالمي ’هيوي ويٽ’ ٺهڻ جي راهه هموار ڪري سگهن ٿيون.

ڀارت جو نوجوان نسل ايندڙ سالن دوران ملڪ جي اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو ٻڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن مناسب روزگار نه ميلو ته آباديءَ ۾ اها واڌ سماجي ۽ معاشي بحران پيدا ڪري ڇڏيندي.

اقتصاديات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڀارت تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شامل آهي، ليڪن ڇو ته ان جي آبادي به تيز رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي ان ڪري بي روزگاري ۾ به واڌ اچي سگهي ٿي.

دنيا جي ٻين ڪمپنين وانگر، ٽيڪنالاجيءَ جي تمام وڏي ڪمپني ’ايپل’ ڀارت کي ممڪنه مينوفيڪچرنگ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي اميد ڏياري سگهي ٿي، ڇو ته اها پنهنجي ڪجهه پيداوار چين مان ڪڍڻ گهري ٿي جتي ڪارڪنن جي وڏي عمر جي ڪري ڪم جي رفتار سست ٿيندي پئي وڃي ۽ ان سان گڏو گڏ پگهارن ۾ به واڌ اچي رهي آهي.

ڪم از ڪم 1950 کان پوءِ جڏهن گڏيل قومن جي اداري انساني آباديءَ جو ڊيٽا جاري ڪرڻ شروع ڪيو هو، چين دنيا جو سڀني کان وڌيڪ انسانن جي انگ وارو ملڪ هو. چين ۽ ڀارت ٻنهي جي آبادي 1.4 ارب کا وڌيڪ آهي ۽ گڏيل طور تي انهن جي آدمشماري 8 ارب جي ٽئين حصي کان وڌيڪ آهي.

(خبر جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتل آهي)

XS
SM
MD
LG