رسائی کے لنکس

آمريڪا ۾ وياج جي شرح ۾ واڌ، ڇا پاڪستان ۾ مهانگائي وڌندي؟


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

آمريڪا جي مرڪزي مالياتي اداري (فيڊرل ريزرو) اربع تي وياج جي شرح ۾ 0.25 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آھي.

ناڻي جي ماهرن موجب آمريڪا ۾ وياج جي شرح ۾ واڌاري جو اثر عالمي معيشت تي پوندو، جنھن سان پاڪستان ۾ به مهانگائي وڌڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي.

آمريڪي اختياريءَ وارن جو چوڻ آهي ته تازو ئي ٻن آمريڪي بينڪن جو ڏيوالي نڪرڻ کانپوءِ ايندڙ وقت ۾ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان گهٽ آهي.

آمريڪا جي وفاقي ريزرو جي چيئرمين جيروم پاول سيڙپڪارن کي يقين ڏياريو آهي ته بينڪنگ جو نظام مضبوط بڻجي ويندو. ھن چيو ته تازو ئي آمريڪا جي ڏيوالو نڪتل سليڪون ويلي بينڪ جي انتظاميه معاملن کي سنڀالڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته هن بينڪ جي ڪنگال ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪي بينڪنگ سسٽم ۾ وڏي پيماني تي ڪا ڪمزوري موجود آهي.

هن جي مطابق "بينڪنگ سسٽم ۾ ڪي به وڏيون ڪمزوريون موجود ناھن. سيڙپڪاري بينڪ ڪريڊٽ سوزي جو قبضو هڪ ھاڪاري نتيجو آهي".

آمريڪا جي وفاقي اوپن مارڪيٽ ڪاميٽي پاليسي جي بيان ۾ پڻ چيو ويو آهي ته آمريڪا جو بينڪاري نظام مضبوط آهي.

پاول جي نيوز ڪانفرنس کان پوء وال اسٽريٽ ۾ ڪاروباري سيشن جھڪو ٿي ختم ٿيو. هن پنهنجي نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته اختياريون اڃا تائين مهانگائي کي منهن ڏيڻ جو ارادو رکن ٿيون. عملدار ڏسي رهيا آهن ته بينڪن جو ڏيوالو نڪري وڃڻ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ طلب ڪيتري قدر گھٽجي وئي آهي ۽ قرض ڏيڻ ۾ ڪيتري حد تائين گهٽتائي آئي آهي.


آمريڪي عملدارن پاران وياج جي شرح ۾ واڌاري جو امڪان ھيو. حڪومت ھڪ پاسي مهانگائي جي رستا روڪ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته ٻئي پاسي بينڪنگ سسٽم کي سگھارو بنائڻ لاءِ به ڪوشش ڪري رهي آهي.

آمريڪي بينڪنگ سسٽم ھن مھيني جي 10 تاريخ تي ڪيليفورنيا انتظاميه پاران سليڪون ويلي بينڪ بند ڪري ڇڏڻ کان پوءِ بحران جي ور چڙھيل آهي. اهو 2008 واري آمريڪي بينڪنگ سسٽم جي بحران کان پوء سڀ کان وڏو مالي بحران آهي.

ڪيليفورنيا سان تعلق رکندڙ سانتا ڪلارا ۽ سگنيچر بينڪ جو ڏيوالو نڪرڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۾ بينڪن جي اسٽاڪ ۾ مندي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، ڇو ته سيڙپڪار بينڪنگ جي نظام ۾ وڌيڪ بحران بابت پريشان ھيا.

اهڙي صورتحال ۾ يو بي ايس گروپ 167 سال پراڻي ڪريڊٽ سوزي گروپ کي خريد ڪري وڏي بحران کي ٽاري ڇڏيو آهي.


"رائٽرز" خبر ايجنسي موجب آمريڪا جي فيڊرل ريزرو پاران وياج جي شرح ۾ لاڳيتي واڌ کي 2008 کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ھڪ وڏي بينڪ بحران جو سبب قرار ڏنو پيو وڃي.

پاڪستان ۾ مهانگائي جو خطرو

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ وياج جي شرح وڌڻ سان پاڪستان ۾ مهانگائي جو خدشو وڌي ويو آهي.

حبيب يونيورسٽي ۾ اقتصاديات جي پروفيسر ڊاڪٽر اقدس افضل وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ۾ وياج جي شرح ۾ واڌ سان پاڪستان ۾ ڊالر جو اگھ وڌندو، جنهن سان نه فقط پاڪستاني روپئي جي قيمت ڪرندي پر ملڪ ۾ تيل جي قيمتن ۾ به واڌ اچڻ جو امڪان آهي.

هن جي مطابق جڏهن به وياج جي شرح وڌي ٿي ته سيوونگ اڪائونٽس يا سيڙپڪاري تي جيڪي رقم واپس ملي ٿي، اھا به وڌي ٿي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سڄي دنيا مان ڊالر آمريڪا ڏانهن رخ ڪري ٿو، جنهن جا اثرات پاڪستان ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن جي معيشت تي پوندا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي قدر ۾ ڪمي جو هڪ وڏو ڪارڻ آمريڪا ۾ وياج جي شرح وڌي وڃڻ آهي. ھن چيو ته جيئن جيئن پاڪستان مان ڊالر نڪرندو ويندو تيئن تيئن روپئي جي قيمت ۾ گھٽتائي ايندي ويندي.

پروفيسر اقدس افضل موجب جڏهن رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت وڌي ويندي ته پاڪستان جا درآمدي بل به وڌي ويندا، جن ۾ وڏي ادائگي ٻارڻ جي تيل جي آھي.

ھن چيو ته "ٻارڻ جي اگھ ۾ واڌارو پاڪستان ۾ مھانگائي جو سڀ کان وڏو سبب آهي".

(هن خبر لاءِ ڪجهه مواد رائٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG