مستقبل ۾ چنڊ تي ڪيترائي خلائي مشن موڪلڻ جي رٿابندي جي ڪري يورپ جي خلائي ايجنسي چنڊ جو پنھنجو ٽائيم زون ٺاھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
تازو ئي يورپ جي خلائي ايجنسيءَ چيو آهي ته سڄيءَ دنيا جون خلائي ايجنسيون ان ڳالھ تي غور ڪري رهيون آهن ته چنڊ تي وقت جو ڪيئن اندازو لڳايو وڃي ۽ ان جو ڪھڙو طريقو مقرر ٿيڻ کپي.
ايجنسيءَ جي نيويگيشن سسٽم انجنيئر، پيٽرو جيوردانو چيو ته اهو خيال گزريل سال هالينڊ ۾ هڪ اجلاس دوران سامھون آيو، جنھن ۾ ماهرن چنڊ تي وقت ماپڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ ان لاءِ ڪو نظام جوڙڻ جي صلاح ڏني.
ھن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاء عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون ٿي رھيون آهن.
خبرن جي اداري، ايسوسي ايٽڊ پريس موجب هن وقت طريقه ڪار اھو آھي ته جيڪو به ملڪ چنڊ تي مشن موڪلي ٿو تنھن جو ئي ٽائيم زون ان مشن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
يورپي اسپيس ايجنسي جي اختياريءَ وارن جو چوڻ آهي ته ھاڻوڪي صورتحال ۾ جڏهن ڪيترائي ملڪ ۽ ڪيتريون ئي خانگي ڪمپنيون چنڊ تي مشن موڪلڻ جي تياري ڪري رهيون آهن ۽ ناسا اتي خلاباز موڪلڻ چاهي ٿو ته چنڊ جو پنهنجو ٽائم زون هر ڪنهن لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏيندو.
ناسا جو خلائي ادارو سندس نئين بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جي رٿابندي ۽ تعمير سان گڏوگڏ ئي چنڊ جي ٽائم زون جو مسئلو پڻ حل ڪرڻ چاهي ٿو.
خلائي اسٽيشنن جو پنهنجو ڪو به ٽائم زون ناهي، اهي ’گڏيل عالمي وقت’ (يو ٽي سي) مطابق هلندا آهن، جڏھن ته يو ٽي سي ايٽمي گھڙين ذريعي وقت کي ماپي ٿو.
يو ٽي سي جي آڌار تي ناسا مختلف خلائي پروگرامن ۾ مختلف ٽائم زون ٺاھي وقت کي ماپڻ جو ڪم ڪندو آهي.
يورپي اسپيس ايجنسي موجب قمري وقت جي معاملي تي ڪجهه ڏکيايون پڻ آڏو آهن، جيئن ته چنڊ تي وقت ڌرتيء جي ڀيٽ ۾ تڪڙو سفر ڪري ٿو. ان ڪري روزانو 56 مائڪرو سيڪنڊن جي واڌ اچي ٿي. ان کان سواءِ، چنڊ تي گھڙين جي چر پر ڌرتيء کان مختلف ٿيندي آهي.
ايجنسي ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ عمل دار، برنارڊ چيو آهي ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي ٽائيم زون چنڊ جي مشن دوران خلابازن لاءِ ڪارآمد هئڻ گهرجي.
ناسا چنڊ تي پنهنجو ايندڙ مشن 2024 ۾ موڪلڻ جي رٿا بندي ڪري رهيو آهي، اھو مشن چنڊ تي 2025 تائين پهچندو.
برنارڊ ٻڌايو ته چنڊ جو هڪ ڏينهن ڌرتيءَ جي 29.5 ڏينهن برابر هوندو آهي، ان ڪري ان جي پرک ڪنهن سخت امتحان کان گهٽ ناهي. پر هڪ ڀيرو جيڪڏھن قمري وقت طئي ٿي ويو ته اهو اصول ٻين سيارن تي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
(هن خبر لاءِ معلومات اي پيءَ تان ورتي وئي آهي)