هٿيار فٽا ڪرڻ جي ذلت کان بچڻ لاءِ ڪابل مان فرار ٿيس، اشرف غني

فائيل فوٽو

ڪابل تي طالبان جي قبضي جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي افغانستان جي اڳوڻي صدر، اشرف غنيءَ پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو آهي ته گاديءَ واري هنڌ کا ن فرار ٿيڻ جو عمل تمام گهڻيءَ تڪڙ ۾ٿيو. سندس بقول، مان باغين جي سامهون هٿيار فٽا ڪرڻ جي ذلت کان بچڻ چاهيان پيو.

اشرف غنيءَ نيوز چينل، سي اين اين کي ٻڌايو ته 15 آگسٽ 2021 جي صبح جو جڏهن طالبان افغان گاديءَ واري هنڌ جي دروازن کي کڙڪائي رهيا هيا، هو پنهنجي محافظن جي غائب ٿي وڃڻ کان پوءِ صدارتي محل ڇڏڻ وارو آخري فرد هو.

هن چيو ته دفاع جي وزير کيس انهيءَ ڏينهن پهريان ئي ٻڌايو هو ته ڪابل جو دفاع نه ٿو ڪري سگهجي.

اشرف غني ان کان اڳ ڪابل جي قبضي واري ڏينهن ڀاڄ کائڻ جو جواب ڏئي چڪو آهي، پر آچر ڏينهن هن ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيلن تان پردوکنيون.

هن الزام مڙهيو ته محل جي بورچين منجهان هڪ کي مون کي زهر ڏيڻ لاءِ هڪ لک ڊالرن جي پيش ڪش ڪئي وئي هئي، جنهن مان کيس محسوس ٿيو ته چوطرف ماحول هاڻي محفوظ نه رهيو آهي.

سندس بقول، ڪابل ڇڏڻ جو هڪ سبب اهو به هو ته مان طالبان ۽ سندن حامين کي اها خوشي نه پيو ڏيڻ گهران ته هڪ دفعو وري هڪ افغان صدر جي تذليل ڪري ان کان حڪومت جي قانوني حيثيت جي دستاويز تي صحي ڪرائن. ليڪن، مان ڪڏهن به خوف زده نه هيس.

SEE ALSO: افغانستان تي هڪ سال تائين ڪنٽرول دوران طالبان ڪو هڪ ڪم به نه ڪيو جنهن جي پاڪستان کي اميد هئي

ناقدين جو چوڻ آهي ته 15 آگسٽ تي اشرف غني جي لڪي ڇپي ڀاڄ هڪ اهڙي موقعي تي ڪابل کي بي يار و مددگار ڪيو، جڏهن ويهن ورهن جي جنگ کان پوءِ آمريڪي ۽ نيٽو فوج ملڪ منجهان افراتفريءَ جي ماحول ۾ نڪرڻ جي عمل جي آخري مرحلن ۾هئي.

اشرف غنيءَ پاڻ تي لڳندڙ انهن الزامن کان به انڪار ڪيو ته هيلي ڪاپٽرن ۾ فرار ٿيڻ وقت هو پاڻ يا سندس ٻيا عمل دار روڪڙ جي صورت ۾ لکين ڊالر پاڻ سان کڻي ويا هيا.

ڪانگريس جي مقرر ڪيل هڪ نگران اداري گزريل هفتي جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته اهو ممڪن ڪونهي ته غني ۽ سندس سينئر صلاح ڪار هيلي ڪاپٽر ۾ فرار ٿيندي تمام وڏي رقم پاڻ سان کڻي ويا هجن.

افغانستان جي نئين سر تعمير متعلق انسپيڪٽر جنرل (سگار) جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تمام گهڻيءَ تڪڙ ۾ فرار ٿيڻ، ڪارگو تي مسافرن جي دٻاو جي نوعيت، هيلي ڪاپٽرن جي وزن کڻڻ جي صلاحيت، محدود ڪارڪردگي ۽ انهن گواهن جي بيانن منجهان جيڪي زمين تي ۽ پرواز ۾ موجود هيا، ظاهر ٿئي ٿو ته هيلي ڪاپٽرن ۾ روڪڙ جي صورت ۾ساڻن گڏ پنج لک ڊالرن کان ڪجهه ئي وڌيڪ رقم هئي.

سگار افغانستان ۾ ڪيترن ورهن کان وڏي پيماني تي آمريڪا پاران ڪيل خرچ جي جانچ پڙتال جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.

اداري جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان موجود آهي ته طالبان پاران قبضي ڪرڻ دوران افغان حڪومت جي تنصيبات ۽ نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽيءَ منجهان وڏي پيماني تي آمريڪي ڊالر غائب ٿي ويا هجن، جن ۾ صدارتي محل جا به لکين ڊالر شامل آهن.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نگران ادارو ان ڳالهه جو تعين ڪرڻ کان قاصر آهي ته ڪيتري رقم چورائي وئي ۽ ڪنهن چورائي.

سڀ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي، گزريل آگسٽ ۾ طالبان ڪنهن وڏيءَ لڙائيءَ کان سواءِ ئي ڪابل تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان کان اڳ هڪ هفتي تائين جاري رهڻ وارين محدود فوجي جهڙپن دوران طالبان تيزيءَ سان صوبائي گاديءَ واري هنڌن تي به قابض ٿيندا ويا. کين افغان سيڪيورٽي فورسز کان، جن جا حوصله پست هيا، ڪا ذڪر جي قابل مزاحمت پيش نه آئي.

افغانستان تي قبضي کان پوءِ پنهنجي اقتدار جي پهرئين سال جي دوران اڳوڻن باغين پنهنجن ابتدائي وعدن جي برعڪس تعليم ۽ ملازمتن تائين ڇوڪرين ۽ عورتن جي رسائي محدود ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي پابنديون لڳايون. طالبان بين الاقوامي سطح تي زياده تر الڳ ٿلڳ آهن ۽ هو گهڻي حد تائين ان بين الاقوامي امداد کان به محروم ٿي ويا آهن جيڪا غنيءَ جي حڪومت جي دور ۾ افغانستان کي ملي رهي هئي.

طالبان اقتدار تي پنهنجو ڪنٽرول بحال رکڻ ۽ معيشت جي هن وڏي بحران تي قابو پائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن جنهن لکين افغان باشندن کي غربت ۽ بک جي بکيڙي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

انهن چيلنجن جي باوجود طالبان جي قيادت واري حڪومت سومر ڏينهن پنهنجي اقتدار جي پهرين سالگره ملهائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي تقريبن جي تياري ڪئي آهي جنهن ۾طالبان عمل دارن جون تقريرون ۽ راندين جا پروگرام شامل آهن.

(هن رپورٽ ۾ شامل ڪجهه معلومات خبر رسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)