افغانستان تي هڪ سال تائين ڪنٽرول دوران طالبان ڪو هڪ ڪم به نه ڪيو جنهن جي پاڪستان کي اميد هئي

افغان طالبان جڏهن گزريل سال 15 آگسٽ تي ڪابل جو ڪنٽرول سنڀاليو ته پاڪستاني عمل دارن ۽ عوامي حلقن ۾ جشن جهڙو چوٻول هو، ايتري حد تائين جو ان وقت جي وزير اعظم، عمران خان اهو به چيو هو ته افغان عوام هاڻي غلاميءَ جو زنجير ٽوڙي ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ڀارتي قونصل خانن تي بندش ۽ ان جي اثر رسوخ جي خاتمي تي به پاڪستان ۾ اطميمنان جو اظهار ڪيو ويو.

پنهنجيءَ رپورٽ ۾ عزيز الرحمان خان چيو آهي ته پاڪستان ۾عام تاثر اهو ئي هو ته افغان طالبان پاڪستان نواز آهن ۽ اتي سندن حڪومت قائم ٿيڻ تي هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان کي ڀارت جي ڀيٽ ۾ برتري حاصل ٿي وئي آهي. پاڪستاني عمل دارن کي اها به توقع هئي ته افغانستان ۾ روپوش بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان نبرڻ هاڻي کين لاءِ سولو ٿي پوندو.

پاڪستان نائن اليون کان پوءِ افغانستان ۾قائم ٿيندڙ حڪومتن کي پنهنجن مفادن سان متصادم قرار ڏيندو رهيو آهي. ڪن ماهرن مطابق، اهو ئي سبب آهي جو حامد ڪرزئي ۽ اشرف غنيءَ جي دور ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي تعلقات ۾ ڪشيدگي رهي. پاڪستان انهن حڪومتن تي اهو الزام ڏيندو رهيو ته اهي ڀارت جي چرچ تي پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عليحدگي پسندن کي ڪاروائين تي اڪسائن ٿا. اهي افغان حڪومتون پاڪستان جي انهن الزامن جي ترديد ڪنديون رهيون.

راولپنڊيءَ ۾ پاڪستان فوج جي هيڊڪوارٽرز کان وٺي اسلام آباد جي طاقت جي ايوانن ۾ان اميد جو اظهار ڪيو ويو هو ته افغان طالبان جي اوچتو اقتدار ۾ اچڻ سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو ۽ اهڙيءَ ريت ٽي ٽي پي ۽ ٻين هٿياربند ڌڙن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پر افغانستان تي طالبان جي قبضي کي هڪ سال گزرڻ کان پوءِ به ڪجهه ماهرن مطابق، پاڪستان افغان طالبان کان جيڪي اميدون قائم ڪيون هيون سي پوريون نه ٿي سگهيون آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ نه صرف بندش پيل ٽي ٽي پيءَ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروائين ۾ اضافو ڪيو، بلڪه ان کي اهو اعتماد به مليو ته جيئن افغان طالبان آمريڪا سان معالمو ڪيو ساڳي نموني اهي به پاڪستاني حڪومت کي مجبور ڪري سگهن ٿا.

هلندڙ سال ٽي ٽي پي جي ڪاروائين جي نتيجي ۾ پاڪستاني فورسز ۽ فضائي فوج افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو جنهن سان پاڪستان ۽ افغان طالبان جي تعلقات ۾ به سرد مهري آئي.

آسٽريليا جي نيشنل يونيورسٽي جي پروفيسر، ڪلاڊ راڪسسٽس وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته افغان طالبان جي پاڪستاني طالبان سان نظرياتي وابستگي ۽ انهن جي رهنمائن جي وچ ۾ ويجها تعلقات افغان طالبان ۽ پاڪستان جي تعلقات ۾ ويڇا پيدا ڪري رهيا آهن.

سندس بقول، اهو ئي سبب آهي جو گزريل هڪ سال کان وٺي پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ موجود آهي ۽ پاڪستان جا پنجويهن ورهن جي اتحادي سمجهيا ويندڙ افغان طالبان سان تعلقات ۾ في الحال گرم جوشيءَ جو ڪو عنصر موجود ڪونهي.

خيال رهي ته افغانستان تي طالبان جي قبضي کان پوءِ ڊورينڊ لائين تي پاڪستاني فوج پاران لڳايل لوهي تارن جي ڀت اکوڙڻ جون وڊيوز به سامهون اچي چڪيون آهن. ڪن افغان طالبان رهنمائن جي طرفان بيان به آيا آهن ته هو تارن جي ان ڀت کي غير قانوني سمجهن ٿا.

بندش پيل تحريڪ طالبان جي ڪاروائين ۾ تيزي

ٽي ٽي پي لڳ ڀڳ 14 سالن کان پاڪستان ۾ منظم طور ڪم ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ اسلامي نظام جي نفاذ جي مطالبي کان علاوه قبائلي علائقن جي ضلعن ۾ فوج جي موجودگي کي سبب بڻائيندي پاڪستان ۾ دهشت گرديءَ جون ڪيتريون ئي ڪاروائيون ڪيون آهن. انهن ڪاروائين ۾ سيڪيورٽي فورسز جي سوين عمل دارن سميت عام شهري به نشانو بڻجي چڪا آهن.

ماهرن مطابق، سنه 2020 جي وچ تائين، ٽي ٽي پي پاڪستاني فورسز جي ڪريڪ ڊائون ۽ افغانستان ۾ سندس قيادت تي ٿيندڙ آمريڪي ڊرون حملن جي ڪري ڪمزور ٿي وئي هئي. انهيءَ ئي عرصي دوران تنظيم ۾ ڌڙي بندي جي ڪري ڪي رهنما سرحد سان مليل افغان علائقن ڪنڙ ۽ ننگرهار هليا ويا هيا.

ڪن ماهرن مطابق، آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ فبروري 2020 ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي ٽي ٽي پيءَ کي ٻيهر منظم ٿيڻ جو حوصلو ڏنو. اهڙيءَ طرح، جولائي 2020 کان پوءِ ٽي ٽي پي سان 2014 ۾ الڳ ٿيل ڌڙا ٻيهر ڪٺا ٿيا جڏهن ته پاڪستان ۾ القاعده جو حصو رهڻ وارا ڪي فرد به ٽي ٽي پيءَ جو حصو بڻجي ويا.

ان موقعي تي ٽي ٽي پيءَ جي سربراه، مفتي نور ولي محسود اهو دليل ڏنو ته پاڪستان جي خلاف جهاد صرف ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو جڏهن تنظيم متحد هوندي، اهڙيءَ طرح جيئن افغان طالبان متحد ٿي آمريڪا جو مقابلو ڪيو.

پنجين جولائي جي عالمي اداري جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ مطابق، تحريڪ طالبان پاڪستان اهڙي تنظيم آهي جنهن جا افغانستان ۾ ٽن کان چار هزار جنگجو آهن. انهن منجهان گهڻا اهي آهن جيڪي ڪابل تي ڪنٽرول کان پوءِ جيلن منجهان رها ٿيا.

SEE ALSO: ڇا بندش پيل تحريڪ طالبان سوات ۾ ٻيهر منظم ٿي رهي آهي؟

سيڪيورٽي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مفتي نور ولي محسود جي تنظيم کي متحد ڪرڻ جي ڪوششن جي ڪري ٽي ٽي پي مضبوط ٿي آهي ۽ هيءَ خطي ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏو خطرو بڻجي اڀري رهي آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ ٽي ٽي پي سڀني کان وڌيڪ فائدي ۾ رهڻ واري غير ملڪي شدت پسند تنظيم آهي.

حملن ۾ واڌ ۽ ڀتا خوري

رپورٽن مطابق، ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ ٽي ٽي پيءَ جي پاڪستان مخالف ڪاروائين ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي. پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي هڪ رپورٽ مطابق، پاڪستان ۾ 2020 جي ڀيٽ ۾ 2021 ۾ دهشت گرديءَ جي ڪاروائين ۾ 84 في صد واڌ آئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2021 ۾ ٽي ٽي پي جي 87 حملن ۾ 158 ماڻهو ماريا ويا جڏهن ته 2020جي مقابلي ۾ ٽي ٽي پي جي حملن ۾ 84 في صد اضافو آيو. رپورٽ مطابق، بلوچ عليحدگي پسندن 2021 ۾ 63 حملا ڪيا جن ۾ 72 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته 2022 جي ابتدائي ڇهن مهينن دوران سيڪيورٽي ادارا دهشت گردن جي نشاني تي رهيا.

اڻٽيهه جولائي تي پاڪستاني پارليمان جي ايوان بالا، سينيٽ ۾ پيش ڪيل هڪ رپورٽ مطابق، 2022 جي ابتدائي ڇهن مهينن دوران 434 حملا ڪيا ويا جن جو هدف سيڪيورٽي جا ادارا هيا. انهن منجهان 247 حملا افغانستان سان لاڳياپيل خيبرپختون خوا صوبي ۾ ڪيا ويا.

پشاور سان تعلق رکندڙ هڪ سينئر پوليس آفيسر، شاه (فرضي نالو) وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ڪابل تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ هڪ لحاظ کان ٽي ٽي پيءَ جو نئون جنم ٿيو آهي ۽ ان جي حملن ۾ تيزي آئي آهي.

اهي به اطلاع آهن ته افغانستان جي ڊائلنگ ڪوڊ تان ٽي ٽي پي پاڪستاني واپارين ۽ پارليمنٽ جي ميمبرن کان ڀتو وصول ڪندي رهي آهي. بندش پيل ٽي ٽي پيءَ جي ترجمان، احسان الله احسان 25 جولائي تي هڪ ٽوئيٽ ۾ دعوا ڪئي هئي ته خيبر پختون خوا جي اڳوڻي گورنر پنهنجي تحفظ جي لاءِ ٽي ٽي پيءَ کي 75 لک روپيا ڀتو ڏنو.

افغان طالبان جو ڪاروائيءَ کان پاسو

افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ اسلام آباد افغان طالبان کان مطالبو ڪيو هو ته اهي ٽي ٽي پيءَ جي اڳواڻن کي پاڪستان خلاف حملن جي منصوبن کان روڪين. پر افغان طالبان پاڪستان کي صلاح ڏني آهي ته پاڪستاني طالبان سان مذاڪرات ڪري پنهنجن معاملن کي طئي ڪري.

ٽي ٽي پيءَ سان مذاڪرات ۾شامل هڪ مذهبي رهنما پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي وائس آف آمريڪا کي ٻڌايو ته ٽي ٽي پي هجي يا ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومنٽ، اهي القاعده جي قيادت ۾ ٺهڻ واري هڪ وڏي جهادي نيٽ ورڪ جو حصو آهن. انهيءَ نيٽ ورڪ ئي افغانستان جي مختلف علائقن ۾افغان طالبان جي مدد ڪئي هئي.

افغان طالبان جي مدد کان مايوس ٿي پاڪستاني فضائي فوج پاران افغان سرحد سان لاڳاپيل علائقن ڪنڙ ۽ خوست ۾ ٽي ٽي پيءَ جي ٺڪاڻن تي بمباري جون به رپورٽون سامهون آيون هيون، جن ۾ اطلاعن مطابق، عورتن ۽ ٻارن سميت 47 ماڻهو مارجي ويا هيا. پاڪستاني حڪومت ان ڪاروائيءَ جي تصديق يا ترديد نه ڪئي هئي، ليڪن افغان طالبان ان تي سخت ردعمل ڏيندي ڪابل ۾ پاڪستاني سفير کي سڏائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو.

حالانڪه ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان حڪومت جون ۾ غير معينه مدت جي لاءِ جنگ بنديءَ تي اتفاق ڪيو هو، ليڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ برقرار آهي.

پروفيسر ڪلاڊ راڪسسٽس جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه ڪمزور معيشت واري ملڪ پاڪستان جي لاءِ سٺو سنئوڻ ڪونهي، جيڪو ملڪي معيشت جي استحڪام جي لاءِ غير ملڪي قرض جو خواهش مند آهي. سندس بقول، اگر مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته افغان طالبان جي حمايت پاڪستان جي غلط پاليسي هئي.