ڇا بندش پيل تحريڪ طالبان سوات ۾ ٻيهر منظم ٿي رهي آهي؟

فائيل فوٽو

پاڪستان جي خيبرپختون خوا صوبي جي سوات علائقي ۾ هٿيار بندن جي مبينه موجودگيءَ کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پيدا ٿي ويو آهي. سياسي ۽ عوامي حلقا ان امڪان جو اظهار ڪري رهيا آهن ته شايد علائقي ۾ بندش پيل تحريڪ طالبان (ٽي ٽي پي) ٻيهر منظم ٿي رهي آهي.

سوات جي علائقي، مينگوره مان اهي اطلاع مليا آهن ته مبينه جنگجو پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي عمل دارن کي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي رهيا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي جي عمل دارن کي يرغمال بنائڻ جا اطلاع به ملي رهيا آهن.

مقامي ماڻهن مطابق، مشتبه ويڙهاڪ مقامي ماڻهن کي به هيسائي رهيا آهن. ليڪن سرڪاري طور تي انهن واقعن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

خيال رهي ته سنه 2008 ۽ 2009 ۾ سوات ۾ ٽي ٽي پيءَ جي لڙاڪن پاڻ کي هن علائقي ۾ منظم ڪري ورتو هو جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز سموري علائقي کي خالي ڪرائي هتي فوجي آپريشن ڪري علائقي کي ڪليئر ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي.

ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه هٿيار بند مبينه طور تي يرغمال ڪيل سيڪيورٽي عمل دارن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن. وڊيو ۾ هڪ پوليس وارو زخمي ٿيل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته مبينه طور تي هڪ فوجي آفيسر ۽ هڪ سپاهيءَ جا هٿ ٻڌي انهن کان آڏي پڇا ڪئي پئي وڃي.

هن وڊيو جي عام ٿيڻ تي هڪ عسڪريت پسند سوات جي هڪ مقامي صحافيءَ سان ٽيلي فون تي رابطو ڪرڻ کان پوءِ ٻڌائي رهيو آهي ته عمل دارن سان گڏ مبينه معاهدي ۽ مذاڪرات کان پوءِ انهن جي ساٿي مٽا کي ٽن مختلف جابلو هنڌن تي واپس آندو ويو. مبينه لڙاڪي دعوي ڪئي آهي ته عمل دارن کيس اها يقين دهاني ڪرائي آهي ته هو اتي پر امن طور تي رهي سگهي ٿو.

خيال رهي ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ افغان طالبان جي ثالثيءَ ۾ افغانستان ۾ مذاڪرات جا ڪيترا ئي دور ٿي چڪا آهن. جون ۾ ڌرين وچ ۾ غير معينه مدت لاءِ جنگ بندي تي به اتفاق ٿيو هو. مذاڪرات جي دوران اها تجويز به غور هيٽ آئي ته ٽي ٽي پيءَ جا اهي لڙاڪا جيڪي هٿيار فٽا ڪري پنهنجن علائقن ڏانهن وڃڻ چاهن ته حڪومت کين نه روڪيندي.

مقامي صحافي شهزاد عالم وائس آف آمريڪا سان گفتگو ڪندي چيو ته هڪ عسڪريت پسند هنن کي ٻڌايو آهي ته يرغمال بنايل سيڪيورٽي عمل دار انهن شدت پسندن سان معاهدي جي مبينه خلاف ورزي ڪندي سندن علائقي ۾ داخل ٿي ويا هيا.

شهزاد عالم بقول، هن لڙاڪي کين ٻڌايو ته هو ۽ سندس ساٿي ڪنهن پرتشدد ڪم جو سوچي به نه ٿا سگهن ۽ پنهنجي علائقي ۾ پرامن طور تي رهڻ چاهن ٿا.

هن ٻڌايو ته طالبان عسڪريت پسندن دعوي ڪئي آهي ته مقامي چـڱن مڙسن جي وچ ۾ پوڻ کان پوءِ ٻن فوجن ۽ هڪ پوليس عمل دار سميت چئن سيڪيورٽي عمل دارن کي ڇڏي ڏنو ويو آهي.

اطلاعن مطابق، چئني عمل دارن کي يرغمال بنائڻ کان پوءِ طالبان تحصيل مٽا جي هڪ بااثر سياسي شخصيت سميت چئن مقامي رهنمائن کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سڏايو، ليڪن مقامي ماڻهن لڙاڪن سان مذاڪرات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

شهزاد عالم وڌيڪ چيو ته مٽا جي جابلو علائقي کان پوءِ هٿيار بند هاڻي سوات جي واديءَ کان علاوه مينگوره جهڙن اهم شهرن ۾ به سرگرم ٿي رهيا آهن.

وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو موقف

داخلا جي وفاقي وزير، رانا ثنا الله اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ اخباري ڪانفرنس ڪندي چيو ته يوم عاشور جي ڪري سيڪيورٽي ادارن جو ڌيان جلوسن جي طرف هيو. ليڪن هاڻي حڪومت سوات ۾ ٿيڻ واري ان واقعي جو نوٽيس وٺڻ شروع ڪيو آهي. سندس چوڻ مطابق، جيڪڏهن سوات ۾

ضرورت چئي ته وفاقي حڪومت خيبر پختون خوا سان ملي ڪنهن به شرپسند کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ تيار آهي.

خيبر پختون خوا جي وڏي وزير جي صلاح ڪار، بيرسٽر محمد علي سيف وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت تحصيل مٽا جي حالتن کان پوريءَ ريت باخبر آهي ۽ گهڻو جلد هتي موجود ويڙهاڪن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي.