روزگار جي ڳولها ۾ ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ جو فيصلو ڪرڻ واري، عورتن جي قومي هاڪي ٽيم جي رانديگر، شاهده رضا به ان ٻيڙيءَ جي حادثي ۾ فوت تي جيڪا لڳ ڀڳ ڏيڍ سو ماڻهن کي کڻي اٽلي وڃي رهي هئي.
ڪوئٽا مان وي او اي جي نمائندي، مرتضيٰ زهريءَ پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن ۽ پي ’ايڇ ايف ومين ونگ’ جي عهديدارن سيده شهلا رضا ۽ تنزيله عامر چيما سميت هاڪيءَ سان دلچسپي رکندڙ ڪميونٽيءَ ان فوتگيءَ تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
ڪوئٽا سان تعلق رکڻ واري شاهده ضيا پاڪستان ومين هاڪي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ سان گڏ فٽ بال جي به قومي رانديگر هئي.
روزگار جي لاءِ وطن ڇڏڻ جو فيصلو ومين قومي هاڪي ٽيم جي رانديگر کي راس نه آيو. سمنڊ جي سفر دوران ٻيڙي ٻڏي وڃڻ جي ڪري ان ۾ سوار 65 ڄڻن مارجي ويلين ۾ هوءَ به شامل هئي.
ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، امدادي ٽيمن اڱاري ڏينهن سمنڊ مان وڌيڪ لاش ڪڍيا جنهن کان پوءِ هن سانحي ۾ مري ويلن جو انگ 65 ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انهن مشتبه انساني اسمگلرن جي نشاندهي ٿي چڪي آهي جن اٽليءَ تائين موت جي هن سفر جي لاءِ مبينه طور هر مسافر کان لڳ ڀڳ ساڍا اٺ هزار ڊالر وصول ڪيا هيا.
اٽليءَ جي ساحلي علائقي ڪروٽون جي پرازيڪيوٽر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته تفتيش ڪرڻ وارن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٽن ماڻهن جي سڃاڻپ مبينه انساني اسمگلرن جي طور تي ڪئي آهي، جن منجهان هڪ ترڪ ۽ ٻه پاڪستاني آهن. اهو شڪ به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻيڙيءَ ۾ هڪ ترڪ اسمگلر به موجود هيو جيڪو حادثي کان پوءِ يا ته فرار ٿي ويو يا وري ٻين مسافرن وانگر ٻڏي فوت ٿي ويو.
ان کان اڳ مليل رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ٻڏڻ واري ٻيڙيءَ ۾ سوار مسافرن منجهان تقريبا 20 جو تعلق پاڪستان سان هيو جن ۾ 16 محفوظ رهيا آهن ۽ اٽليءَ ۾ پاڪستان جي سفارتي عمل دارن انهن سان ملاقات ڪئي آهي.
مري ويل پاڪستانين ۾ علي حسنين جو تعلق گجرات جي هڪ ڳوٺ سان هيو، جڏهن ته ڪجهه بدقسمت مسافر افغانستان مان هيا.
فوت ٿيڻ وارن منجهان ڪجهه جا پونئير پنهنجن پيارن جي ڳولها ۾ اٽليءَ جي شهر ڪروٽون پهچي ويا آهن.
اختياريءَ وارن لاشن جي سڃاڻپ جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ جي لاءِ تابوتن کي ڏسڻ ۾ دير ڪئي ڇو ته مايوس مٽ مائٽ ۽ دوست پنهنجن پيارن جي ڳولها جي اميد ۾ ڪروٽون جي ڪيليرين شهر پهتا، جن منجهان ڪجهه جو تعلق افغانستان سان آهي.
(هن خبر جو ڪجهه مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)