سعودي عرب ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن رمضان دوران ئي ملاقات ڪرڻ تي راضپو ظاھر ڪيو آهي. هيءَ ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي سلسلي ۾ هڪ اھم قدم ثابت ٿيندي.
خبرن جي اداري ’رائٽرز’ موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالله کي فون ڪيو جنھن بعد ٻنهي اڳواڻن سگھوئي ملاقات ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي.
ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻٽن ڏينھن اندر ٻه ڀيرا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
سعودي عرب جي سرڪاري خبرن جي ايجنسيءَ اطلاع ڏنو آهي ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڳالهين دوران چِين جي ٽياڪڙيءَ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي روشني ۾ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ھنن رمضان جي مهيني منجھ ئي ٻه طرفيون ڳالهيون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.
واضح رهي ته سعودي عرب ۽ ايران 11 مارچ تي چِين جي ٽياڪڙي ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ھڪ معاهدي تي صحيون ڪيون هيون.
ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي شامخاني ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتيءَ واري صلاحڪار مساعد بن محمد العيبان چِين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي موجودگي ۾ معاهدي تي صحيون ڪيون ھيون.
سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ستن سالن کان ڪٽيل سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي فيصلي تي مختلف ملڪن پاران گڏيل ردعمل سامهون آيو آهي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته لاڳاپا بحال ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن کي ضرور فائدو رسندو.
سعودي عرب معاشي ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ گھري ٿو، جڏهن ته ايران خطي ۾ اڪيلو رھجي وڃڻ جي تاثر کي دور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھي.
عالمي طاقتن سان 2015 جي ايٽمي معاهدي ختم ٿيڻ کان پوءِ ايران تي عالمي سطح جون پابنديون مڙھيل آهن. سعودي-ايران معاھدو تهران کي پابنديون ختم ڪرڻ لاءِ نوان رستا فراهم ڪري سگهي ٿو.
واضع رهي ته سعودي عرب 2016 ۾ تهران ۾ پنهنجي سفارتخاني تي ٿيندڙ حملي کانپوءِ ايران سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا. ان کان اڳ سعودي حڪومت شيعه عالم نمر باقر النمر کي ڦاهي ڏني هئي، جنهن جي ايران مذمت ڪئي هئي.
(هن خبر ۾ شامل معلومات رائٽرز کان ورتي وئي آهي)