رسائی کے لنکس

ڪلاسي فائيڊ دستاويز ليڪ ڪرڻ جي ڏوه ۾ ٽڪشيرا تي باضابطا الزام مڙهيا ويا


سرڪاري ڪلاسي فائيڊ دستاويزن کي ليڪ ڪرڻ جو مبينه ڏوهي، جيڪ ڊگلس ٽڪشيرا، جنهن تي جمعي ئينهن باضابطه الزام مڙهيا ويا عدالت ۾ پيشيءَ دوران. (عدالتي اسڪيچ)
سرڪاري ڪلاسي فائيڊ دستاويزن کي ليڪ ڪرڻ جو مبينه ڏوهي، جيڪ ڊگلس ٽڪشيرا، جنهن تي جمعي ئينهن باضابطه الزام مڙهيا ويا عدالت ۾ پيشيءَ دوران. (عدالتي اسڪيچ)

آمريڪي حڪومت جا سرڪاري دستاويز ليڪ ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتار ايئر نيشنل گارد، جيڪ ٽڪشيرا تي جمعي جي ڏينهن عدالت ۾ حاضريءَ دوران باضابطه طور تي الزام مڙهيا ويا. هن تي وفاقي جاسوسيءَ جو الزام آهي.

ايڪيهن ورهن جي ڄمار جو ٽڪشيرا ميساچيوسٽس ۾ ايئر نيشنل گارڊ جي انٽيلي جينس ونگ ۾ ڪم ڪندو هو. سرڪاري ذريعن موجب هن کي ايف بي آءِ جي ايجنٽن خميس ڏينهن ميساچيوسٽس جي شهر ڊائٽن مان گرفتار ڪيو.

ٽيڪسيرا پنهنجو ڏوهه نه باسيو آهي. بوسٽن ۾ آمريڪي اٽارني جنرل جي آفيس چيو آهي ته ملزم کي حراست ۾ رکيو ويندو ۽ اڳيئن اربع تي بڌڻي دوران عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

ٽڪشيرا جي وڪيل، برينڊن ڪيلي تبصري ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

حراست ۾ ورتل مبينه ڏوهاريءَ تي ٻه الزام مڙهيا ويا آهن، هڪ جاسوسيءَ جي قانون هيٺ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪلاسي فائيڊ دستاويزن کي پاڻ وٽ رکڻ ۽ وائکو ڪرڻ جو ڏوهه شامل آهي، جڏهن ته ٻئي الزام ۾ چيو ويو آهي ته هن سرڪاري دستاويزن سان هٿ چراند ڪئي. سزا جي صورت ۾ کيس 15 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

آمريڪا جو انصاف وارو کاتو جاسوسيءَ جو ايڪٽ انهن ڏوهين جي خلاف مڙهيندو آهي جيڪي ڪلاسي فائيڊ سرڪاري دستاويز ليڪ ڪندا آهن.

فوجداري ڪيس جنهن جي جمعي ڏينهن مهر لاٿي وئي ان ۾ الزامن جا اهي تفصيل پيش ڪيا ويا آهن ته ٽڪشيرا ڪيئن ’ڊسڪارڊ’ نالي آن لائين ميسيجنگ پليٽ فارم کي استعمال ڪندي اهي ڪلاسي فائيڊ دستاويز انٽرنيٽ تي جاري ڪيا.

ٽيڪشيرا ’ڊسڪارڊ’ جي ننڍي گروپ جو ايڊمنسٽريٽر رهيو آهي. شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته مبينه طور تي ٽڪشيرا جو مقصد علائقي جي سياسي معاملن ۽ موجوده ۽ تاريخي لڙاين بابت ڳالهائڻ هو. ٽڪشيرا اها ڳالهه ايف بي آئي کي انٽرويو ڏيندي ٻڌائي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG