يوڪرين ۾ جنگ جي حوالي سان ڪجھ انتهائي ڳجھن فوجي دستاويزن بابت خبرون منظر عام تي اچڻ کي هڪ هفتي کان به گهٽ وقت ٿيو آهي.
اھڙي واقعي بعد پينٽاگان پاران ھر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن اتحادين کي نقصان جي تلافي جو يقين ڏياري سندن دل جوئي ڪجي ۽ گڏوگڏ فاش ٿيل رازن جي دائري جو به اندازو لڳائي سگھجي.
بيشمار سلائيڊن ۾ موجود جيڪا معلومات ليڪ ٿي آھي تنھن ۾ دراصل يوڪرين جي فضائي دفاعي صلاحيت جي ڪمزورين ۽ اتحادين جي انٽيليجنس معاملن جي جائزي جھڙين ڪجھ اھم ڳالھين کي پڌرو ڪيو ويو آهي.
ھاڻ ليڪ يعني رازن کلڻ بعد سوال پيدا ٿين ٿا ته ڇا ان سان آمريڪي اتحادين جي اعتماد کي ڌڪ رسندو؟ ڇا ان سان روس خلاف جنگ تيز ڪرڻ جو يوڪريني رٿا متاثر ٿيندي؟
پينٽاگان جي هڪ اعلي سطحي ترجمان سومر ڏينھن صحافين کي ٻڌايو ته مجموعي طور تي ليڪ ٿيل دستاويزن جو معاملو قومي سلامتي لاء تمام وڏو خطرو آھي.
ھتي اسين هڪ نظر وجھندا سين ته اصل ۾ انهن دستاويزن جي حقيقت ڇا آهي؟ اُھي ڪيئن ظاهر ٿيا؟ ۽ انهن جي ليڪ ٿيڻ جو آمريڪا توڙي سندس اتحادين تي ڪھڙو اثر پئجي سگھي ٿو؟
دستاويزن جي حقيقت ڇا آهي؟
ڳجھن دستاويزن ۾ يوڪريني فوج جي پوزيشن ٻڌائيندڙ نقشا، يوڪرين جي بين الاقوامي مدد ۽ ٻيا حساس موضوع شامل آھن.
ان کان سواءِ اھا بريفنگ به انھن ليڪ ٿيل دستاويزن جو حصو آھي جنھن ۾ ٻڌايل آھي ته ڪهڙين حالتن ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايٽمي هٿيار استعمال ڪري سگهي ٿو.
انھن سلائيڊن يا ڌار ڌار دستاويزن جي آمريڪي عملدارن طرفان تصديق نه ڪئي وئي آهي. ڪيترا دستاويز ليڪ ڪيا ويا آهن ان بابت ڪو واضح جواب موجود ناهي.
ايسوسي ائيٽڊ پريس اھڙا ذري گھٽ 50 دستاويز ڏٺا آهن؛ ڪجهه اندازن موجب اھڙي قسم جا دستاويز سوين ٿي سگھن ٿا.
دستاويز آن لائن ڪيئن آيا؟
پينٽاگان جي سربراهه سميت ان باري ۾ پڪ سان ڪو به نٿو ڄاڻي ته دستاويز دراصل آن لائن ڪيئن ۽ ڪٿان آيا؟
بچاءِ واري وزير لائيڊ آسٽن اڱاري جي ڏينهن هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته اُهي (دستاويز) ويب سائيٽن ۾ ڪٿي ۽ ڪھڙي جاءِ تي موجود هئا ۽ انھن تائين ڪير پھتو ھو، اسان کي ڪابه خبر ناهي.
هن چيو ته اسان رازن جي فاش ٿيڻ جو ذريعو ۽ انهن جي مڪمل پهچ جي ڳولها لاءِ پنهنجي کوجنا جاري رکنداسين ۽ هر حيلو هلائينداسين.
اهو ممڪن آهي ته ليڪ ’ڊسڪارڊ’ نالي ويب سائيٽ تي شروع ڪئي وئي هجي.
"ڊسڪارڊ هڪ سوشل ميڊيا پليٽ فارم آهي جيڪو آن لائن گيمن جي حوالي سان مشھور آهي. ’ڊسڪارڊ’ مختلف گروپن لاءِ آڊيو وڊيو ۽ ٽيڪسٽ چيٽ جي ھوسٽنگ ڪري ٿي، سندن چوڻ آھي ته ان پليٽ فارم تي "توھان پاڻ کي اسڪول ڪلب، گيمنگ گروپ، يا دنيا جي آرٽ ڪميونٽي سان ڳنڍي سگھو ٿا.
ڊسڪارڊ جي ھڪ فورم تي، جيڪو مختلف موضوعن تي ڳالهائڻ لاءِ ٺاهيو ويو ھو، ميمبرن يوڪرين جنگ تي بحث ڪئي. چيٽ جي هڪ ميمبر مطابق هڪ اڻڄاتل شخص انهن دستاويزن کي آن لائن شيئر ڪيو ۽ دعوي ڪئي ته اهي دستاويز خفيه ھيا.
ھُن ٻڌايو ته ان شخص پهريان انهن دستاويزن ۾ پنهنجا خيال شامل ڪري شيئر ڪيا ۽ پوء ڪجھ ويڙھيل ڪاغذن جون تصويرون اپ لوڊ ڪيون.
جنهن شخص چيو ته هو فورم جو ميمبر آهي، تنھن ايسوسي ايٽڊ پريس کي ٻڌايو ته هڪ ٻئي شخص، جنھن جي آن لائن سڃاڻپ صرف ’لوڪا’ جي نالي سان ھئي، دستاويزن کي ڊسڪارڊ جي مختلف چيٽس ۾ شيئر ڪيو. اتان کان ئي اهي دستاويز ھر جاءِ تي پکڙيل نظر اچن ٿا.
ھن معاملي سان ڳنڍيل ڪيترين ئي شين ۽ انھن جي تفصيل جي فوري طور تصديق نه ٿي ڪري سگھجي، جڏھن ته اعلي سطح جا آمريڪي اهلڪار عوام آڏو اھو تسليم ڪن ٿا ته کين اڃا تائين ڪيترن ئي جوابن جي ڳولا آهي.
ڪھڙا راز پڌرا ٿيا آهن؟
ليڪس ۾ اھا ڳالھ نمايان ڪئي وئي آهي ته آمريڪا ڪيتري قدر ويجهڙائي سان نگراني جو ڪم ڪري ٿو، ڪيئن هن جا اتحادي ۽ دوست ملڪ روس ۽ چين سان لهه و چڙ ۾ اچن ٿا.
ڪيترن ئي ملڪن جي عملدارن ۽ اختيار وارن ليڪ ٿيل رڪارڊ جي الزامن کي رد ڪيو آهي.
ايسوسي ايٽڊ پريس آمريڪي انٽيليجنس جي حوالي سان رپورٽ ڏني آھي ته روس جي ھڪ عملدار دعوي ڪئي ته روس متحده عرب امارات سان ويجها لاڳاپن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
تيل سان مالا مال وچ اوڀر واري ان عرب ملڪ ۾ آمريڪا جون اھم فوجي تنصيبات موجود آھن. متحده عرب عمارات انهن الزامن کي رد ڪندي انھن کي "بلڪل ڪوڙو" قرار ڏنو.
آمريڪي اخبار ’واشنگٽن پوسٽ’ سومر تي رپورٽ ڪيو ته مصر جي صدر ماتحت ادارن کي حڪم ڏنو ته هو ڳجهه ۾ 40 ھزار راڪيٽ روس ڏانهن موڪلڻ لاءِ تيار ڪن، جن کي ھو يوڪرين جي جنگ ۾ استعمال ڪري.
مصرجي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته مصر هن بحران ۾ عدم شموليت واري پاليسي برقرار رکندو ۽ ٻنهي ڌرين سان ھڪ جيترو فاصلو ۽ تعلق رکندو.
ڳجھن دستاويزن جي افشا ڪيل رازن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي ته ڏکڻ ڪوريا جا اڳواڻ يوڪرين ڏانهن توپخاني جا گولا موڪلڻ جي معاملي ۾ ٻڏتر جو شڪار هئا، ۽ اسرائيل جي جاسوس ايجنسي موساد وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي عدليه جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ تجويز ڪيل پاليسي جي مخالفت ڪئي ھئي.
ليڪ بابت پينٽاگان جو ردعمل
دفاع جي شعبي جي ھڪ آفيسر خبرن جي اداري اي پي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي تي ليڪ جا اثرات معلوم ڪرڻ لاءِ پينٽاگان اندروني طور جائزو وٺڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. اھڙي جائزي جي اڳواڻي دفاع جي کاتي جو ڊپٽي انڊر سيڪريٽري، ملنسي ڊي هيرس ڪري رھيو آھي.
هڪ ٻئي آفيسر چيو ته پينٽاگون انھن ماڻهن جو انگ گهٽائڻ لاءِ ترت قدم کڻي رهيو آھي جن کي بريفنگ تائين رسائي آهي. ٻنهي آفيسرن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي حساس معاملن تي اي پي سان ڳالهه ٻولھ ڪئي.
بچاء واري وزير جي معاون ڪرس ميگر چيو ته پينٽاگان پاران انھن جاين جي ويجھي نگراني ڪئي پئي وڃي جتي ليڪ ٿيل سلائيڊون پوسٽ ڪيون ۽ اڳتي وڌايون پيون وڃن.
ان کان سواء جسٽس ڊپارٽمينٽ سلائيڊون ليڪ ٿيڻ جي مسئلي تي "فوجداري تحقيقات" جو آغاز ڪيو آھي.
سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنس ليڪ کي ’انتهائي بدقسمتي‘ قرار ڏنو آھي. هن چيو ته ان شيءِ کي آمريڪي حڪومت انتهائي سنجيده سمجھي ٿي .