يورپ جو تيل تي هلندڙ گاڏين جي فروخت 2035 تائين ختم ڪرڻ جو فيصلو

برلن ۾ ٽيسلا جي اليڪٽرڪ ڪارز ماڊل ايڪس بيٽري ري چارج ڪندي (فائيل فوٽو)

يورپي يونين 2035 تائين يورپي اتحاد ۾ شامل ملڪن ۾ تيل سان هلڻ وارين گاڏين جي فروخت ختم ڪرڻ جي هڪ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

يورپ جي 27 ملڪن اها حد مقرر ڪئي آهي ته سال 2035 تائين سمورن رڪن ملڪن منجهه رڳو اليڪٽرڪ گاڏيون وڪامنديون. هن منصوبي جو مقصد آب وهوا جي تحفظ لاءِ سال 2050 تائين ڪاربن جي اخراج کي ٻڙيءَ جي درجي تائين پهچايو ويندو.

ڪمبسشن انجن يعني پيٽرول ۽ ڊيزل سان هلڻ وارين گاڏين کي فروخت ڪرڻ جو منصوبو ابتدائي طور تي جولائي 2021 ۾ پيش ڪيو ويو هو. هن منصوبي ۾ هيءَ تجويز شامل آهي ته سڄي يورپ ۾ استعمال ٿيڻ وارين ڪارن سان گڏوگڏ سامان ڍوئڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمرشيل گاڏين جي انجن کي مڪمل طور تي تبديل ڪيو ويندو.

خبر رسان اداري اي ايف پيءَ مطابق جرمني ۽ اٽليءَ سميت ٻين ملڪن جي درخواست تي يورپي يونين مستقبل ۾ آب و هوا متاثر نه ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي جنهن ۾ سينٿيٽڪ فيول ۽ چارج ٿيڻ واري هائي برڊ ٽيڪنالاجي شامل آهي.

لگزمبرگ ۾ يورپي ملڪن جي وزارتي اجلاس ۾ مخصوص قسمن جون موٽر گاڏيون يا ڏه هزار سالانه کان گهٽ گاڏيون ٺاهڻ وارين ڪمپنين جي لاءِ ڪاربن جي اخراج جي مدي سان متعلق پنجن سالن جي توسيع جي به منظوري ڏني آهي.

SEE ALSO: یورپی یونین: 2020 میں 10 لاکھ ہائی برڈ اور الیکڑک کاروں کی ریکارڈ فروخت

اي ايف پيءَ مطابق اڱاري جي ڏينهن وزراءِ خارجه جي اجلاس ۾ ڏنل ان ترميم کي فراري ترميم جو نالو به ڏنو ويو آهي. فراري دنيا جي مهانگي ۽ پرتعيش ترين موٽر گاڏين ٺاهڻ لاءِ مشهور آهي. مبصرين جي مطابق اجلاس ۾ پنجن سالن تائين ڪاربن جي اخراج ۾ رعايت جي منظوري دنيا جي مهانگي ترين گاڏين تيار ڪندڙ برانڊز کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڏني وئي آهي.

هاڻي انهن اقدامات تي يورپي يونين جي پارليمان جي ارڪان سان لازمي مذاڪرات ڪيا ويندا.

وزارتي اجلاس جي صدارت ڪرڻ واري فرانس جي وزير براءِ متبادل توانائي، ايگنس پينئر رناشر چيو آهي ته اهو قدم اسان جي گاڏين تيار ڪندڙ صنعت لاءِ هڪ وڏو چيلنج آهي، پر ان جي ضرورت ان ڪري به آهي ته جيئن امريڪا ۽ چين ۾ جاري مقابلي جي صورت حال ۾ اڳتي رهي سگهجي.

واضح رهي ته امريڪا ۽ چين اليڪٽرڪ گاڏيون تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڏي پيماني تي اقدامات ۾ مصروف آهن.

يورپي ڪميشن جي يورپ گرين ڊيل جي انچارج فرانز ٽيمنز هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته گاڏيون تيار ڪرڻ واريون زياده تر ڪمپنيون اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهڻ جو انتخاب ڪري رهيون آهن. البته يورپي يونين ٻين ماحول دوست ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال لاءِ تيار آهن. انهن ۾ سنٿيٽڪ فيول شامل آهي، جنهن کي اي فيول جو نالو ڏنو ويو آهي.

سنٿيٽڪ فيول جي سلسلي ۾ هن وقت تحقيق جاري آهي. هي فيول صنعتي سرگرمين ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ مان حاصل ٿيندو آهي جنهن مان ڪاربن جي گهٽ اخراج کان علاوه بجليءَ جي پيداوار ممڪن ٿيندي آهي.

SEE ALSO: شمسی توانائی سے چلنے والی کار مارکیٹ میں آنے کو تیار

يورپ ۾ سفر جي لاءِ گهڻي ڀاڱي ڪارن جو استعمال ٿيندو آهي، جتي ڪارن جي ڪري ڪاربن جو اخراج 15 في صد آهي.

يورپ ۾ گاڏيون ٺاهڻ واريون ڪمپنيون اليڪٽرڪ گاڏين جي 100 في صد طلب نه هئڻ تي ڪيترن ئي خدشات جو شڪار آهن. انهيءَ لاءِ يورپين ڪميشن اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ لاءِ وڏي پيماني تي چارجنگ اسٽيشنن جي سفارش به ڪئي آهي.

يورپي ڪميشن جي صدر ارسله وينڊرسن گزريل سال چيو هئو ته يورپ ۾ مرڪزي شاهراهن سان گڏوگڏ 60 ڪلوميٽرن کان پوءِ لازمي طور تي چارجنگ پوائينٽ هئڻ گهرجن.