آمريڪا پاران ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن لاءِ 500 اسڪالرشپس جو اعلان

پوئين سال پاڪستان ۾ تيز مينهوڳيءَ ۽ ٻوڏ جي دوران، آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان گڏ، ’يو ايس ايڊ’ جي ايڊمنسٽريٽر، سمنٿا پاورز سيلاب متاثر علائقن جو دورو ڪيو. (فائيل فوٽو)

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان، نيڊ پرائس ٻوڏ کان متاثر ضلعن ۾ پاڪستان جي يونيورسٽين جي شاگردن جي لاءِ 500 نون اسڪالرشپس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ترجمان اها ڳالهه محڪمي جي روزانه جي اخباري بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ڪئي. هن چيو ته اهي وظيفا شاگردن کي پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا..

نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۾ منعقد عورتن جي عالمي ڏينهن جي تقريب جي موقعي تي انهن اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو.

SEE ALSO: تيز ۽ گهڻي بارش جي ڪري ڳاٽي ڀڳي ٻوڏ، آمريڪا متاثرين جي مدد ڪري رهيو آهي

آمريڪا ’يو ايس اي آئي ڊي’ جي سهڪار سان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي قابليت رکندڙ اهڙن شاگردن جي لاءِ انهن وظيفن جو اعلان ڪيو آهي جن جي مالي حالت ٺيڪ ڪانهي.

هن چيو ته انهن اسڪالرشپس جو مقصد اهو آهي ته ضرورتمند شاگرد پاڪستان جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي سگهن.

SEE ALSO: سيلاب متاثرين لاءِ آمريڪا پاران ٽي ڪروڙ ڊالر جي وڌيڪ امداد جو اعلان

هائر ايجوڪيشن ڪميشن سان سهڪار ڪندي آمريڪي حڪومت ’ميرٽ ۽ گهرج’ تي ٻڌل وظيفن جي پروگرام هيٺ 6000 کان وڌيڪ اسڪالرشپس ڏنا آهن.

ترجمان ٻڌايو ته انهن منجهان 60 سيڪڙو وظيفا عورتن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ آمريڪا جي حمايت جي علامت جي طور عورتن کي ڏنا ويا آهن.