حڪومت جي خاتمي جو ذمي دار اشرف غني پاڻ هيو، آمريڪي آڊيٽر جي رپورٽ

29 سيپٽمبر 2014 تي ڪابل ۾ منعقد تقريب ۾ اشرف غني احمدزئي صدارت جي عهدي جو حلف کڻي رهيو آهي. (فائيل فوٽو)

هڪ سرڪاري رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته بين الاقوامي حمايت سان هلندڙ اڳوڻي افغان حڪومت اهو تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هئي ته آمريڪا ملڪ مان واپس وڃڻ جو ارادو رکي ٿو، جيڪو آگست 2021 ۾ سندس تڪڙي خاتمي منجهان هڪ عنصر هيو، جنهن کان پوءِ طالبان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.

افغانستان جي نئين سر اڏاوت جي خصوصي انسپيڪٽر جنرل (SIGAR)، جيڪو تنازعي ۾ ڦاٿل ملڪ ۾ آمريڪي سيڙپ جي نگراني۽ جو ڪم ڪري رهيو هو، ان اها رپورٽ ڏني آهي جنهن جو بنياد اڳوڻن ۽ موجوده آمريڪي عهديدارن کان سواءِ ماهرن ۽ اڳوڻن افغان حڪومت جي عهديدارن کان ڪيل انٽرويوز آهن.

سيگار جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي حمايت يافته اڳوڻي افغان صدر اشرف غني ان وقت ’’پنهنجي پسنديده، ويجهڙن وفادار حلقن’’ جي معرفت ملڪ جي حڪمراني ڪري رهيو هو، تنهن جي عمل ۾ ڪوتاهيءَ مشڪل ترين وقت ۾ حڪومت کي لوڏي ۾ وڌو.

SEE ALSO: هٿيار فٽا ڪرڻ جي ذلت کان بچڻ لاءِ ڪابل مان فرار ٿيس، اشرف غني

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان وقت جي افغان حڪومت جي مرڪزي اعلي سطح رشوت ستانيءَ ۾ جڪڙيل هئي ۽ کيس واحد فڪر اهو هو ته کيس جائز حڪومت مڃيو وڃي، جيڪا صورت حال ڊگهي عرصي تائين برقرار رهي ۽ پوءِ يڪدم اها پنهنجيءَ پڄاڻيءَ تي پهتي. هيءَ رپورٽ اسلام آباد مان وائس آف آمريڪا جي نمائندي، اياز گل ڏني آهي.

ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ’’اها حقيقت ته 20 ورهن تائين آمريڪا افغانستان جي حمايت جاري رکي هئي، جنهن جي ڪري پنهنجي جديد تاريخ ۾ اتان جي حڪومت ٻاهرين حمايت تي تمام گهڻو انحصار ڪندي رهي، ان لاءِ سمورن افغان سياست دانن ۽ رهنمائن جي لاءِ اهو سوچڻ مشڪل هيو ته آمريڪا جي حمايت کان سواءِ ملڪ ڪڏهن اڳتي هلي سگهندو’’.

جائزي جي ان رپورٽ ۾ ان پاسي به ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته آمريڪا به افغانستان ۾ بدعنوانيءَ جي ان آزار کي حل ڪرائڻ، ۽ پائيدار جمهوري، نمائنده، صنفي حساسيت تي ٻڌل افغان حڪمراني سان وابسته ادارن جي احتساب جي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

SEE ALSO: اشرف غني ڏه لک ڊالرن کان به گهٽ رقم پاڻ سان کڻي ويوهو، رپورٽ

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جون 2021 ۾ افغانستان جي نئين سر اڏاوت جي ڪم لاءِ 145 ارب ڊالر منظور ڪيا هيا، جنهن ۾ انتظام هلائڻ، سماجي ۽ معاشي ترقيءَ جي لاءِ رقمون شامل هيون. ليڪن حڪومت ان وقت ختم ٿي جڏهن طالبان اقتدار تي تڪڙو قبضو ڪيو ۽ آمريڪي اڳواڻيءَ ۾ نيٽو فوج ملڪ مان ٻاهر نڪتي جنهن دوران اشرف غنيءَ ملڪ مان ڀاڄ کاڌي.

سيگار ٻڌايو آهي ته آمريڪي قيادت ۾ افغان معاشري کي اولهه جي اقدار مطابق ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش کي ڏٺو وڃي ته آگسٽ 2021 ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز ۽ افغان انتظاميا يڪدم وکري ويون، جيڪا ٻن ڏهاڪن جي ڪوششن جي ڊرامائي نوعيت جي پڄاڻي هئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن 20 سالن دوران ٽن آمريڪي صدرن جي انتظاميا ۽ آمريڪا فوج جي واپسيءَ جي معاملي تي اشارا ڏيندا رهيا هيا.