اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته هاڻي پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تي ٿينديون. ان کان اڳ هلندڙ مهيني ۾ ئي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آچر، 30 اپريل تي پنجاب ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن جي لاءِ پولنگ جو شڊول جاري ڪيو هو
ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته شفاف چونڊون يقيني بنائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آئين جي قلم 218 هيٺ اختيار استعمال ڪندي آهي ۽ نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان عمل دارن کي بدلي ڪندي آهي
وزير اعظم شهباز شريف ان مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ’’آرمي چيف جي خلاف مهم برداشت جي قابل ناهي ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي’’. هن اختياريءَ وارن کي هدايت ڪئي ته اهڙن ماڻهن سان سختيءَ سان نبرڻ کپي
اڳوڻي وزير اعظم دعويٰ ڪئي ته ’’آئي جي پنجاب ۽ آئي جي اسلام آباد ۽ سندن سهولت ڪارن اها رٿا ڪئي آهي ته زمان پارڪ جي ٻاهران اڄ يا سڀاڻي آپريشن ڪيو وڃي. ان کان پوءِ، اهي ماڻهو وري سندس گهر تائين اچي مرتضيٰ ڀٽي وانگر قتل ڪندا. هن رٿا تي اڄ يا سڀاڻي عمل ٿيڻو آهي’’
پنهنجي وڊيو خطاب ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان دعويٰ ڪئي ته جيئن 1996 ۾ مير مرتضيٰ ڀٽي کي قتل ڪيو ويو هو، اهڙيءَ ريت ئي زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪري کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي
هڪ بيان ۾ پوليس چيو آهي ته ٿاڻي تائين پهچڻ وارن جي هٿن ۾ سک مذهب جو مقدس ڪتاب هيو، جنهن جي احترام ۾ ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي . جالنڌر جي پوليس ڪمشنر گورديپ سنگهه مطابق، هيءَ ’چور سپاهيءَ’ جي راند آهي.ڪيڏيءَ مهل هو (مفرور) ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. پر اسان ان (امرت پال) کي جلد ئي گرفتار ڪري وٺنداسين
برطانيه چيو آهي ته اهو ’آءِ آر سي جي’ جي لاءِ ناڻو فراهم ڪرڻ واري هڪ فائونڊيشن جي پنجن ڊائريڪٽرن ۽ رياستي سيڪيورٽي سروس جي ٻن صوبائي ڪمانڊرن تي به پابنديون لڳائي رهيو آهي
جهٽڪا لوئر دير ۽ گوجر خان ۾ شديد هيا. خبرن جي اداري، اي ايف پي جي مطابق، عيني شاهدن ٻڌايو ته زلزلي جا اهي جهٽڪا 30 سيڪنڊن کان وڌيڪ دير تائين محسوس ڪيا ويا، جنهن جي ڪري ماڻهن ۾ شديد خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو
حڪومتي ادارا ايندڙ ڏيڍ مهيني اندر اهڙو نظام ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن جنهن ۾ وڏين گاڏين جي مالڪن کان پيٽرول تي اضافي پئسا وصول ڪيا وڃن ۽ ننڍين گاڏين جي مالڪن کي سبسڊي ڏني وڃي
ٻڌڻيءَ دوران پنجاب حڪومت جي وڪيل جسٽس طارق سليم شيخ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. وڪيل درخواست ڪئي ته ڪيس ڪنھن ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته ڪھڙي ڳالھ جي ڪري توهان کي عدالت تي اعتماد ناهي
مبصرن چيو آهي ته سياسي صورت حال ايتري قدر وچڙيل آهي جو ان منجهان نڪرڻ جو ڪو رستو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. حڪومتي اتحاد جي اعلان مان ثابت ٿئي ٿو ته حالتن ۾ ٺاپر جي بجاءِ ٻنهين ڌرين وچ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي
سري لنڪا جي صدر هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ’’دنيا جي نظرن ۾ هاڻي سري لنڪا ڏيوالو نڪتل ملڪ نه رهيو آهي’’. هن چيو ته قرض جي ان سهولت کان پوءِ بين الاقوامي برادريءَ ۾اعتماد وڌيو آهي ته ’’سري لنڪا وٽ گنجائش آهي ته پنهنجي پيسي جي ڏيتي ليتيءَ جي ونهوار کي مناسب طريقي سان ترتيب ڏئي ۽ هلائي سگهي’’
مزید لوڈ کریں