ٻڌڻيءَ دوران پنجاب حڪومت جي وڪيل جسٽس طارق سليم شيخ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو. وڪيل درخواست ڪئي ته ڪيس ڪنھن ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته ڪھڙي ڳالھ جي ڪري توهان کي عدالت تي اعتماد ناهي
مبصرن چيو آهي ته سياسي صورت حال ايتري قدر وچڙيل آهي جو ان منجهان نڪرڻ جو ڪو رستو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. حڪومتي اتحاد جي اعلان مان ثابت ٿئي ٿو ته حالتن ۾ ٺاپر جي بجاءِ ٻنهين ڌرين وچ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي
سري لنڪا جي صدر هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ’’دنيا جي نظرن ۾ هاڻي سري لنڪا ڏيوالو نڪتل ملڪ نه رهيو آهي’’. هن چيو ته قرض جي ان سهولت کان پوءِ بين الاقوامي برادريءَ ۾اعتماد وڌيو آهي ته ’’سري لنڪا وٽ گنجائش آهي ته پنهنجي پيسي جي ڏيتي ليتيءَ جي ونهوار کي مناسب طريقي سان ترتيب ڏئي ۽ هلائي سگهي’’
آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي اها رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن بين الاقوامي فوجداري عدالت روسي صدر ولادي مير پوٽن، ۽ ٻارن جي حقن متعلق هڪ روسي عهديدار جي طرفان مقبوضه يوڪريني علائقن مان ٻارن جي غير قانوني منتقلي ۽ روس موڪلڻ جي مبينه جنگي جرم ۾ ملوث هئڻ تي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن
قدرتي نظارن جي فوٽوگرافي ڪرڻ واري مڪاني رهواسي، جيف لونيءَ ٻڌايو آهي ته اها بوءِ ايڏي ته تيز آهي جو مون کي ماسڪ پائڻو پيو. مان پنهنجي صحت جي باري ۾ فڪرمند ٿي ويو هيس ته ساڳيو ئي پاڻي اسان جي گهرن ۾ به استعمال ٿيندو آهي
شاهد آفريديءَ ان وڊيو ۾ نظر ايندڙ عبدالرزاق، مصباح الحق، سهيل تنوير سميت سمورن رانديگرن جي باري ۾ ڳالهائيندي، چيو ته ’’مون وٽ سڀئي بندوقون پراڻيون آهن. پر سٺي ڳالهه اها آهي ته سڀئي هلائي سگهجن ٿيون’’
نئين شيڊول موجب ٽي ٽوينٽي جا پهريان ٽي ميچ 14، 15 ۽ 17 اپريل تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيا ويندا، جڏهن ته باقي ٻه ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ ٿيندا
نگران وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاريءَ چيو ته ’’اها سمورن شهرين لاءِ کليل ڌمڪي آهي’’. هن چيو ته محسن نقوي ان ڳالھ جو جواب ڏئي ته پوليس ڪهڙي قانون تحت ماڻهن جي گهرن ۾ بنا وارنٽ جي گِھڙي ماڻهن کي هيسائي رهي آهي؟
پنهنجي بيان ۾ وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرين ملڪن جا محب وطن پاڪستاني ’فارين فنڊيڊ’ مهم جي خلاف آواز اٿارن. سندس بقول، ’’زهريلي سياست کي ٻاهرين ملڪن جي ذريعي ڦهلايو پيو وڃي’’، ان ڪري، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ان سازش جو حصو نه بڻجن
آئي ايم ايف جي نمائندي جو بيان اهڙي موقعي تي سامهون آيو آهي جڏهن ڪي سياستدان حڪومت کان اهي سوال پڇي رهيا آهن ته ٻڌايو وڃي ته ڇا قرض جي پروگرام جي بحاليءَ جي عيوض آئي ايم ايف پاڪستان جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي لاءِ چئي رهي آهي؟ هوڏانهن پرڏيهي آفيس ۽ وزير اعظم هائوس ان جي ترديد ڪئي آهي
اٺاويهن ورهن جي قليان کي اربع ڏينهن تهران جي اوپن جيل مان رهائي ملي هئي. کيس 2018 ۾ هڙتال جي تحريڪ جي باري ۾ رپورٽنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڏنل چئن سالن کان وڌيڪ سزا ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو هو
اھو پارڪ 1972 ۾ ٺاھيو ويو ۽ ان جي ڪل ايراضي 900 ايڪڙن کان مٿي آهي. اھو پارڪ هڪ اُجڙيل آتش فشان (ٻرندڙ جبل) جي منڍ تي ٺھيل آهي، جتان هيرا ۽ ٻيا قيمتي پٿر قدرتي طور ملندا رھندا آهن
مزید لوڈ کریں