آمريڪا ’يو ايس اي آئي ڊي’ جي سهڪار سان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي قابليت رکندڙ اهڙن شاگردن جي لاءِ انهن وظيفن جو اعلان ڪيو آهي جن جي مالي حالت ٺيڪ ڪانهي
ٻه طرفي ڊائيلاگ ۾ ٻنهين ملڪن ان عزم جو اظهار ڪيو ته علائقائي ۽ عالمي خطرن سان نبرڻ ۽ دهشت گردن جي مالي معاونت روڪڻ جي لاءِ به ملي قدم کنئيا وڃن. آمريڪي سفارت خاني جي بيان مطابق، مذاڪرات جي دوران ان ڳالهه تي به غور ڪو ويو ته ڪهڙيءَ ريت ٻئي ملڪ دهشت گردن جي مالي مدد روڪڻ ۾ سهڪار وڌائي سگهن ٿا
عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گوتيرس عورتن جي حيثيت متعلق قائم ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته افغان عبوري حڪومت عورتن ۽ نينگرين کي عام زندگيءَ مان مڪمل طور تي پاسي تي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
ترڪيه ۾ صدارتي چونڊون 14 مئي تي ٿيڻيون آهن. مخالف ڌر جي ڇهن پارٽين جي اتحاد صدر ايردوان جي مقابلي لاءِ اقتصادي ماھر ۽ ملڪ جي ٻي وڏي پارٽيءَ جي سربراه ڪمال ڪليچ دار اوغلو کي امڪاني اميدوار طور نامزد ڪيو آهي
رضا ربانيءَ چيو ته آئي ايم ايف پاران پاڪستان سان معاهدي ۾ دير ٿيڻ ۽ پاڪستان جي ٻين دوست ملڪن جي امداد بابت بي دلي ۽ ٻڏتر جھڙن معاملن تي پارليامينٽ کي آگاهه ڪيو وڃي ۽ ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي
مذهبي ناتن واري وزارت جي ترجمان مطابق اسٽيٽ بينڪ کي غير ملڪي ناڻي جي فراهميءَ ۾ ڏکيائي درپيش آهي جنهن کي دور ڪرڻ جي لاءِ مذهبي وزارت ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسپانسرشپ حج اسڪيم متعارف ڪرائي آهي، جنهن جي لاءِ ادائگي ڊالر ۾ ٿي سگهندي
صائم جي بيٽنگ جي خاص ڳالهه سندس اعتماد هيو جنهن جو اظهار هن فاسٽ بالر حارث رئوف جي پهرين ئي بال تي ڇڪو لڳائي ڪيو. صائم لاهور قلندرز جي خلاف 36 بالن تي 68 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي جنهن ۾ ٽي ڇڪا ۽ اٺ چوڪا شامل هيا
تازو هڪ نئين طبي کوجنا مان ظاهر ٿئي ٿو ته ’نيڪسليٽول’ نالي واري هڪ دوا به ڪوليسٽرول گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، جيڪا انهن ماڻهن جي لاءِ فائديمند آهي جيڪي اسٽيٽن استعمال نه ٿا ڪري سگهن. هن دوا سان دل جي دوري ۽ ڪجهه دل جي ٻين مسئلن جي خطري کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي
اهو اعلان سرڪاري سعودي پريس ايجنسيءَ جي هڪ بيان ۾ ڪيو ويو آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته هيءُ قدم سعودي عرب ۽ جمهوريه ترڪيه ۽ ان جي ڀائپيءَ واري عوام جي وچ ۾ موجود ويجهي سهڪار ۽ تاريخي تعلقات جو ثبوت پيش ڪري ٿو. هڪ سال اڳ هڪ ڊالر 14.26 ليرا ۾ وڪامندو هو جڏهن ته اڄ هڪ ڊالر جي قيمت 18.90 ليرا آهي.
پوليس ذريعن مطابق بلوچستان ڪانسٽيبلريءَ جا اهل ڪار سبي ميلي جي سيڪيورٽي تي تعينات هيا، ۽ سومر جي ڏينهن صبح جو سبيءَ مان ڪوئٽا اچي رهيا هيا ته انهن جي وين کي ڪنٽري پل جي ويجهو نشانو بنايو ويو
وزير اعظم طور عهدو پورو ڪرڻ واري، لي ڪي چيانگ بيجنگ ۾ ’گريٽ هال آف دي پيپل’ ۾ هزارين وفدن آڏو حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته فوجن جي تربيت کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته مختلف فوجي شعبن ۾ تياري تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو
پي ٽي وي جي مشهور ڊرامي ’انڌيرا اجالا’ متعلق قوي خان هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته سندس والد محمد نقي خان سندس ڄمڻ کان 7 سال اڳ هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدي تي رٽائر ٿيو هو. هن ڪڏهن پيءُ کي ورديءَ ۾ نه ڏٺو هو. جڏهن کيس اي ايس پي طاهر جو ڪردار مليو ته هن پنهنجي والد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اھو ڪردار قبول ڪيو
مزید لوڈ کریں