عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت ڪنهن به زمين کي 30 سالن تائين ليز تي ڏيڻ جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. ان حوالي سان، عدالت پنجاب حڪومت جي نوٽيفيڪيشن تي عمل درآمد روڪي ڇڏيو آهي
ڊاڪٽر بيربل روٽري ۽ سري لنڪا جي سهڪار سان پاڪستان ۾ قرنيا جي پيوندڪاري جو پروگرام ٻيهر شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهن کي اکين جي نور جي نعمت ملڻ لڳي
لاس اينجلس جي وفاقي عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويز موجب آمريڪا ۾ 2016 جي صدارتي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن پھرين 28 آڪٽوبر تي اسٽارمي ڊينيلز ھڪ ’نان ڊسڪلوزر’ يعني خاموش رھڻ جي معاهدي تي صحيح ڪئي ھئي. ان معاهدي لاءِ کيس ھڪ لک 30 هزار ڊالرن جي رقم ڏني وئي
قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته آئيني ۽ قانوني لحاظ کان ايندڙ چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي بطور اميدوار حصو وٺڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانهي. هو فوجداري مقدمي کي منهن ڏيندي جيڪڏهن جيل به هيلو وڃي تڏهن به چونڊن جي مهم جاري رکي سگهي ٿو
سماعت دوران اٽارني جنرل فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ چيف جسٽس چيو ته ’’هڪ ڌر پارٽي چيئرمين جي گارنٽي ڏئي رهي آهي، شايد حڪومت کي به ماضي ڀلائڻو پوندو’’
هوءَ پشاور هائي ڪورٽ جي پهرين خاتون چيف جسٽس هوندي، جڏهن ته ماضي۽ ۾ جسٽس خالده راشد ۽ جسٽس ارشاد قيصر پشاور هائي ڪورٽ جون جج رهي چڪيون آهن، ليڪن اهي چيف جسٽس جي عهدي تائين نه پهچي سگهيون هيون
وائس آف آمريڪا جي نمائندي جي مطابق، جمعي ڏينهن ڪراچيءَ جي سيٽلائيٽ ايريا جي هڪ فيڪٽريءَ ۾ راشن ورهائجي رهيو هو جتي ڪيترا ئي ضرورت مند موجود هيا. پوليس چيو آهي ته راشن يا زڪوات ورهائڻ جو اڳواٽ ڪو اطلاع نه ڏنو ويو هو. ان خلاف ورزيءَ تي ستن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
اڳوڻي صدر تي الزام آهي ته سال 2016 جي صدارتي چونڊن جي مهم دوران ٽرمپ جي اڳوڻي وڪيل مائيڪل ڪوهن سندس پاران هڪ ’پورن اسٽار’ کي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي لڪل ادائگي ڪئي هئي.
هوءَ هن وقت آمريڪي رياست ٽيڪساس جي هڪ وفاقي جيل ۾ 36 سالن جو قيد ڪاٽي رهي آهي. هن کي 2012 ۾ نيو يارڪ جي وفاقي عدالت افغانستان ۾ آمريڪي شهرين کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش سميت ستن ڏوهن ۾ سزا ڏني هئي
سينيٽ جي ڪاميٽيءَ جي ھڪ ميمبر شيلڊن وائيٽ هائوس چيو آهي ته ججن لاءِ پنهنجا تحفا ۽ ٻيا معاملا ظاهر ڪرڻ جا ضابطا حڪومت جي ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نرم رھيا آهن، خاص طور تي ذاتي مهمان نوازيءَ جو معاملو، جنهن کي ظاهر ڪرڻ جي ججن کي ضرورت نه پوندي هئي
پوئين سالياني عالمي رپورٽ ۾ سعودي عرب جي حقن جي رڪارڊ تي اولهه جي خاموشي، مصر ۾ ڏهڪاءَ ۽ فلسطين سان اسرائيل جي سلوڪ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي
مزید لوڈ کریں