ڪانفرنس جي افتتاحي خطاب ۾ صدر بائيڊن چيو ته اسان وقت جي واهڙ جو وهڪرو بدلائڻ جي لاءِ ڪٺا ٿيا آهيون. اسان تاريخ جي اهڙي موڙ تي آهيون جڏهن اسان جا ڪيل فيصلا ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين دنيا تي اثرانداز ٿيندا رهندا
عدالت جي وڪيلن جي دليلن جي روشنيءَ ۾ مختصر فيصلو ٻڌائيندي، جسٽس شاهد ڪريم چيو ته ان قانون جي شق پاڪستان جي آئين سان متصادم آهي جنهن کي منسوخ قرار ڏنو ٿو وڃي
گوادر جي علائقي مونڊي جي رهواسين ٻڌايو آهي ته وڄ ڪرڻ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن 60 ورهن جي توڪل نالي هڪ شخص پنهنجي گهر جي ٻاهران واڙيل ٻڪرين کي اندر آڻڻ جي لاءِ ٻاهر نڪتو. انهيءَ دوران هو آسماني بجليءَ جي ور چڙهي ويو ۽ مري ويو
پاڪستاني حڪومت جي سرڪاري ٽوئٽر اڪائونٽ تي 30 لک کان وڌيڪ ’فالوورز’ موجود آهن ۽ ان تي پاڪستان حڪومت متعلق معلومات شيئر ڪئي ويندي آهي. ياد رهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ان کان اڳ هڪ ٻئي سان تعلق رکندڙ ويب سائيٽس تي پابندي لڳائي چڪا آهن
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سوموٽو مقدما مقرر ڪرڻ ۽ بيچز جي ٺهڻ جي لاءِ هن وقت رولز موجود ڪونهن. رولز جي ٺهڻ تائين اهم آئيني ۽ از خود نوٽيس جي ڪيسن جي ٻڌڻي پوئتي ڪئي وڃي
اياٽا چيو آهي ته ورجن ايٽلانٽڪ ايئرويز تازو پاڪستان جي لاءِ اڏامون بند ڪيون آهن. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تازو گهٽ ٿي 4.6 ارب ڊالرن کان هيٺ هليا ويا آهن، جيڪي چئن هفتن جي درآمد کي پوري ڪرڻ جي لاءِ مشڪل سان ڪافي آهن ۽ جنهن جي ڪري مرڪزي بينڪ کي ملڪ کان ٻاهر ڊالر موڪلڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي
متحده عرب امارات جي هڪ وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني ’دي ايمار گروپ’ پوئين ڏينهن دوران سري نگر ۾ 10 لک چورس فٽ تي ڦهليل ’شاپنگ مال’ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اهو ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ پهرين سڌي سنئين ٻاهرين سيڙپ ڪاري آهي.’ايمار گروپ’ کي سرينگر ۽ ڄمونءَ ۾ ’آئي ٽي ٽاور’ اڏڻ جي لاءِ به ايراضي الاٽ ڪئي وئي آهي
پنجهٺ ورهن جي پاڪستاني شهريءَ, فشيل بن خالد جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي ۽ کيس يهوديءَ جي طور تي حڪومت پاڪستاني پاسپورٽ جاري ڪيو هو جنهن تي هو مقدس مذهبي هنڌن جي زيارت ڪرڻ اسرائيل وڃي چڪو آهي. هن چيو آهي ته هن عذائي شيون اسرائيلي مارڪيٽن ڏانهن موڪليون آهي جنهن ۾ خارڪون، خشڪ ميوا ۽ ڪجهه مصالحا شامل آهن
قانوني ماهرن مطابق هن ترميم جو اطلاق ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ پاران ورتل ازخود نوٽيسن تي به ٿيندو ۽ متاثر ڌرين کي اپيل جو حق ملي ويو آهي. بل جي مسودي جي مطابق، سينئر ترين ٽن ججن جي ڪاميٽي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جو فيصلو ڪندي. اها ڪاميٽي چيف جسٽس آف پاڪستان سميت سپريم ڪورٽ جي ٻن سينئر ترين ججن تي مشتمل هوندي
هن وقت آمريڪي کنڊ ۾ فلوريڊا جهنگلي جانورن جي جنسار جو غير معمولي ڏيک پيش ڪري ٿو، جتي جانورن جو تعداد گهڻو وڌي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ماحول بحران مان گزري رهيو آهي. هن وقت رياست ۾ 500 کان وڌيڪ ڌاريا ٻوٽا ۽ جهنگلي جانورن جا بيشمار قسم هلي ڦري ۽ چري پري رهيا آهن
پاڪستاني فوج جي پاران ان معاملي تي هينئر تائين ڪو جواب نه ڏنو ويو آهي. ليڪن ماضيءَ ۾ ان ڪيس جي حوالي سان پاڪستاني فوج جي ترجمان اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس پي آر) چيو هو ته عدالتون ملڪي قانون جي مطابق هن ڪيس جو فيصلو ڪنديون
افغانستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳل آهي ۽ اهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ نٿيون وڃي سگهن. اقتدار ۾ اچڻ شرط طالبان افغان سماج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون، جن ۾ عورتن تي پابندي وجهڻ به شامل آهي
مزید لوڈ کریں