افغانستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳل آهي ۽ اهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ نٿيون وڃي سگهن. اقتدار ۾ اچڻ شرط طالبان افغان سماج ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون، جن ۾ عورتن تي پابندي وجهڻ به شامل آهي
هڪ سوال جي جواب ۾ ويدانت پٽيل چيو ته زلمي خليل زاد ھڪ خانگي شهري آهي ۽ ھُن سوشل ميڊيا تي تبصرا ۽ ٽوئيٽس سندس ذاتي حيثيت ۾ ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته زلمي خليل زاد جا خيال نه آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ۽ نه وري هاڻوڪي آمريڪي انتظاميه جي نمائندگي ڪن ٿا
ڪانفرنس ۾ جمهوري قدر، شهرن ۽ مقامي حڪومتن جا ڪردار ۽ عالمي سطح تي جمهوريت سان لاڳاپيل معاملا توڙي مسئلا بحث ھيٺ ايندا. مبصرن چيو آهي ته پاڪستان دراصل اھو اشارو ڏنو آهي ته ھو پنهنجي علائقائي اتحادين ۽ دوست ملڪن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو
ٽوئٽر تي شائع ٿيڻ واري هڪ برطانوي دفاعي بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس فيبروريءَ جي پوين ٻن هفتن تائين ڊرون حملا روڪڻ کان پوءِ ممڪنه طور تي گهٽ ۾ گهٽ 71 اهڙا ڊرون هلايا آهن جن کي هو يوڪرين ۾ نشاني بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي
وزير اعظم چيوآهي ته، ’’اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪروڙين عوام کي رليف ڏيڻو آهي يا هڪ لاڏلي کي؟ اڄ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته آئين ۽ قانون جي مطابق هلڻ گهرجي يا جهنگ جي قانون جي مطابق هلڻ کپي’’
اطلاعن جي مطابق، پاڪستان جي ٽن ويجهن دوست ملڪن چين، ترڪي ۽ سعودي عرب کي سڏ نه ڏنو ويو آهي، جڏهن ته تائيوان کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. پاڪستان پاران هيليتانين ان ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ اڃان ڪو واضح بيان سامهون نه آيو آهي. ڊسمبر 2021 ۾ پهرين ڪانفرنس ۾ به ڪنهن سبب ٻڌائڻ بنا پاڪستان شرڪت نه ڪئي هئي
سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن منصور علي شاه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جو چونڊن جي ڪيس جي فيصلي تي اختلافي نوٽ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ججن چيو آهي ته چيف جسٽس جي تمام گهڻن اختيارن جي ڪري عدالت تي تنقيد ٿيندي آهي. هيءُ ٺيڪ وقت آهي جڏهن چيف جسٽس جي تمام گهڻي اختيار تي نظر ثاني ڪئي وڃي
گيلنٽ جي برطرفيءَ بعد نيتن ياهو جي آفيس سندس متبادل طور ڪنھن کي نامزد ناھي ڪيو نه ئي ان سلسلي ۾ ڪا وڌيڪ تفصيل ٻڌائي وئي آھي. وزيراعظم آفيس جي بيان ۾ فقط ايترو ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم بچاءَ واري وزير کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي
خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، مشتبه حملو ڪندڙ عورت پوليس سان مقابلي ۾ هلاڪ ٿي وئي آهي. مري ويل ٽنهين ٻارن کي گوليءَ جا زخم رسيا. شوٽنگ جو هيءُ واقعو سومر جي ڏينهن ’دي ڪونوينٽ اسڪول’ ۾ پيش آيو
سعودي عرب معاشي ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ گھري ٿو، جڏهن ته ايران خطي ۾ اڪيلو رھجي وڃڻ جي تاثر کي دور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھي
ڪانگريس راهول گانڌيءَ جي خلاف فيصلي کي سياسي قرار ڏنو آهي ۽ وزير اعظم نريندر موديءَ تي الزام لڳايو آهي ته هو مخالف ڌر جي اڳواڻن کي نشانو بنائي رهيو آهي. ان جي مطابق، بي جي پي ملڪ ۾ مخالف ڌر جي وجود کي ختم ڪرڻ گهري ٿي
گزريل مهيني گڏيل قومن جي اداري جي هڪ رپورٽ جي لاءِ رڪن ملڪن جي پاران شيئر ڪيل انٽيلي جينس ۾ خبردارڪيو هو ته داعش خراسان وٽ 1000 کان 3000 تائين ويڙهاڪ آهن جن ڪابل ۽ افغان صوبن ڪنڙ، ننگرهار ۽ نورستان ۾ پنهنجا سيل قائم ڪيا آهن. اهي سمورا علائقا پاڪستان جي سرحد سان لاڳاپيل آهن
مزید لوڈ کریں