جاپان ۾ ٿيڻ واري هن اجلاس ۾ گروپ جي سرواڻي ڪرڻ وارن سفارت ڪارن يوڪرين جي لاءِ پنهنجي حمايت وڌائڻ ۽ روس کي ان حملي جي سزا ڏيڻ جي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ جي وعدي کي به ورجايو. اجلاس جو مقصد ايندڙ مهيني هيروشيما ۾ ٿيڻ واري ’جي سيون’ صدارتي اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه جي راه هموار ڪرڻ آهي
’مني بيڪ گارنٽي’ ۽ ’هوئي تم اجنبي’ کان سواءِ مصنف ۽ هدايتڪار ابو عليجا جي فلم ’دادل’ ۽ هدايت ڪار نديم چيما جي ايڪشن فلم ’دوڙ’ به عيد الفطر تي رليز ٿيندي. اردو فملن کان علاوه هن سال عيد تي چار پنجابي فلمون به رليز ٿينديون جن ۾ ’لاهور قلندر’، ’ببرا گجر’، ’اشتهاري ڊوگر’ ۽ ’بشيرا گجر’ شامل آهن
سپريم ڪورٽ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. ليڪن، وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي رد ڪيو هو. حڪومتي اتحاد پارليمان کان سموري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي قرارداد به منظور ڪري چڪو آهي
پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ پوين ڪجهه ڏهاڪن جي دوران مذهب جي توهين جا ڪيترا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. گزريل هفتي ئي پنجاب صوبي ۾ هڪ عورت ۽ ان جي پٽ کي مذهب جي توهين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ليڪن پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڪنهن غير ملڪيءَ کي مذهب جي توهين ۾ گرفتار ڪيو ڪيو آهي
وائس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته قانون سازي پارليامنيٽ جو اختيار آهي ۽ جيڪڏهن پابندي لڳائي ويندي ته رڳو اها قانون سازي ٿيندي جيڪا سپريم ڪورٽ چاهيندي، ته، سندس بقول، ’’پوءِ پارليامينٽ جي بالادستي ته ختم ٿي وئي’’
طالبان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته متقيءَ پنهنجي پاڪستاني هم منصب سان ٻه طرفي سياسي، معاشي، واپار ۽ ’ٽرانزٽ’ جي معاملن تي ڳالهايو. بيان ۾ وڌيڪ تفصيل ڏيڻ بنا، چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين سفارتي ناتن ۾ بهتري آڻڻ تي به اتفاق ڪيو
چين ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت پنهنجي عوام جي مفادن ۽ هڪ کليل ۽ جامع سياسي ڍانچي جي جوڙ جڪ جي لاءِ بين الاقوامي برادريءَ جي اميدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ڪم ڪندي
فوجداري ڪيس جنهن تان جمعي ڏينهن مهر لاٿي وئي ان ۾ الزامن جا اهي تفصيل پيش ڪيا ويا آهن ته ٽڪشيرا ڪيئن ’ڊسڪارڊ’ نالي آن لائين ميسيجنگ پليٽ فارم کي استعمال ڪندي مبينه طور تي ڪلاسي فائيڊ دستاويز انٽرنيٽ تي جاري ڪيا. اڄ عدالت آڏو هن پنهنجو ڏوهه نه باسيو
جمعي ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ عثمان ٻڌايو ته مڪي پهچي هن عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ هن هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي.ان کان اڳ ۽ ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو ته ڇهه مهينا ۽ 13 ڏينهن ۾ 5400 ڪلوميٽر جو پيادو سفر طئي ڪري هو مڪي پهچي ويو آهي
عدالت پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت کي 21 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته 4 اپريل جي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تائين فنڊز متعلق عدالت کي آگاه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو
ايف بي آئي خميس ڏينهن رياست ميساچوسٽس ۾ ڪاروائي ڪندي ايئر نيشنل گارڊ جي 21 ورهين جي ملازم جيڪ ٽيڪشيرا کي سرڪاري راز وائکا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آھي
دهلي پوليس ڪمشنر جو اهو حڪم دهلي هائي ڪورٽ جي 2019 جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ھئي ته ھو قانوني دستاويزن ۾ سادي ٻولي استعمال ڪن جيڪا شڪايت ڪندڙ ۽ ڪيس ڪندڙ سموريون ڌريون سولائيءَ سان سمجهي سگهن
مزید لوڈ کریں