اڇي رنگ جي ٽي شرٽ ۽ ڪاري رنگ جي جيڪيٽ پاتل ان نيوز ڪاسٽر ڪلاسيڪل عربيءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ هنن لفظن ۾ ڪرائي، ’’مان فضه آهيان، ڪويت جي پهرين پريزنٽر جيڪا ڪويت نيوز ۾ مصنوعي ذهانت سان ڪم ڪندي آهيان. توهان ڪنهن قسم جي خبرن کي ترجيح ڏيندا آهيو؟ اچو ته توهان جي راءِ ٻڌئون’’
چين اميت شاه جي دوري جي سختيءَ سان مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان علائقي ۾ سندس سرگرميون چين جي علائقي جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي. هو ان کان اڳ به ڀارتي اڳواڻن جي اروناچل دوري جي مخالفت ڪندو رهيو آهي
سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جون چونڊون 14 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ليڪن وفاقي حڪومت اعليٰ عدالت جي ان حڪم تي عمل درآمد نه ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. حڪومت سموري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ذريعي هڪ قرارداد به منظور ڪئي آهي
پوين ٽن سالن دوران آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري 10 لکن کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن. نيشنل امرجينسي جي ذريعي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي هنگامي قدم کنيان، جڏهن ته ان سلسلي ۾ اربين ڊالر جي رقم خرچ ڪئي وئي
هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستان جي بچاءَ واري وزير چيو ته طالبان سان ناتا سٺا آهن، ليڪن پاڪستان تي ٽي ٽي پيءَ جا حملا روڪڻ جي لاءِ اهي خاطر خواه ۽ موثر ثابت نه ٿيا آهن
پوليس جي مطابق، حملو ڪندڙ بينڪ جو اڳوڻو ملازم هو، جيڪو پڻ مرڻ وارن ۾ شامل آهي. ليڪن سندس حملي جو سبب في الحال نه ٻڌايو ويو آهي
نماز پڙهائيندي جيئن ئي امام سجدي ۾ ويو ته حملو ڪندڙ شخص سندس پٺيءَ تي چاقون هنيو ۽ ڪيترا ئي وار ڪري کيس زخمي ڪري وڌو. نشرياتي اداري، سي اين اين موجب مسجد جي ترجمان عبدالحمدان چيو ته مسجد جي پيش امام سيد النقيب تي حملي جو واقعو فجر جي نماز دوران ٿيو
سلمان خان ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي چاھيندڙن کي عيد جي موقعي تي ھڪ نئين فلم جو تحفو ڏيندو پيو اچي. 2021 ۾ سندس فلم ’راڌي’ محدود پيماني تي رليز ٿي، پر هاڻ هن عيدالفطر تي سندس نئين فلم ’ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان’ سمورن سنيما گهرن ۾ 21 اپريل تي رليز ڪئي ويندي
شهر جي مرڪزي اسپتال جي ترجمان وسيم بيگ وائس آف آمريڪا کي ٽيلي فون تي فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته زخمين منجهان ڪيترن جي حالت تشويش ناڪ آهي. هوڏانهن، بندش پيل بلوچ لابريشن آرمي (بي ايل اي) بم ڌماڪي جي ذمي داري قبول ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي
قانون واري وزير چيو آهي ته صدر کي صلاح ڏينداسين ته هو ملڪ جي سربراه طور آئيني ذمي داريون پوريون ڪري ۽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ڪارڪن جي طور تي ڪم نه ڪري. واضح رهي ته صدر جڏهن ڪنهن قانون تي صحي نه ڪري ۽ ان کي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس منظور ڪري ته اها ڏهن ڏينهن اندر پاڻ مرادو لاڳو ٿي ويندو آهي
هڪ بيان ۾ پينٽاگان جي نائب پريس سيڪريٽري، سيرينا سنگهه چيو آهي ته بچاءَ وارو محڪمو سوشل ميڊيا سائيٽس تي گردش ڪندڙ دستاويزن جي تصويرن جي اصلي هئڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي
آمريڪا، برطانيه ۽ اسرائيل الزام مڙهيندا رهيا آهن ته تازن ورهن دوران ايران جي پاران تيل جي سامونڊي ٽينڪرن ۽ واپارا جي غرض سال هلندڙ سامونڊي جهازن کي نشانو بڻايو ويندو آهي. ليڪن، ايران انهن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي
مزید لوڈ کریں