جسٽس قاضي فائزعيسيٰ چيو ته ’’پاڪستان جي آئين تي ڪيترا ئي ڀيرا وار ڪيا ويا. تاريخ ست دفعا اسان کي سبق سکاريو. جيڪڏهن اسان تاريخ کان سبق نه سکندا سين ته اها پاڻ کي ورجائيندي’’
مبصرن چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ستت ڳالهه ٻولهه جو امڪان ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، ليڪن ڏکين مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي جلد يا دير سان مذاڪرات ڏانهن ئي اچڻو پوندو
هلندڙ هفتي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر بائيڊن چيو ته هو 36 سال سينيٽر رهيو آهي، جنهن دوران هو نه ئي ڊلاويئر ۾ گهر ٺاهي سگهيو ۽ نه ئي پنهنجي فيمليءَ لاءِ واشنگٽن ۾ گهر وٺي سگهيو
فاڪس نيوز ۽ ان جي پيرنٽ ڪمپنيءَ، فاڪس ڪارپوريشن 2020 جي صدارتي ڊوڙ ۾ ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوڙين دعوائن تي اليڪشن ٽيڪ ڪمپني، ’ڊومينين ووٽنگ سسٽمز’ جي پاران داخل بدناميءَ جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ کان بچڻ جي لاءِ اها وڏي رقم ڏئي ٺاهه ڪيو. ڊومينين چيوآهي ته ’’ميڊيا ۾ سچي رپورٽنگ اسان جي جمهوريت جي لاءِ تمام ضروري آهي’’
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سومر تي شام جي اوڀر واري علائقي ۾ ڪيل هن ڪاروائيءَ ۾ عبدالهادي محمود الحاجي عليءَ جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ان کي وچ اوڀر ۽ يورپ ۾ حملن جي رٿابندي ڪرڻ جو ذمي دار قرار ڏنو آهي
ٽائمز آف انڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊيسائي موهن کي مبينه طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جو هُو بدلو وٺڻ چاهيندو ھو
پوٽن پاران يوڪرين ۾ قبضو ڪيل علائقن جو ٻن مھينن اندر ھي ٻيو دورو آهي، جيتوڻيڪ سندس دوري بابت جاري ٿيل وڊيو جي آزاد ذريعن سان تصديق نه ٿي سگهي آھي
اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته 90 ڏينهن جي اندر چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ جي ڪا گنجائش موجود آهي يا نه؟. ٻئي پاسي، حڪمران اتحاد جو موقف آهي ته سموري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرايون وڃن. ان ڪري 14 مئي تي صرف پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ ٺيڪ نه ٿيندو
سندس چواڻي، ’’اهو منهنجو هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ ذاتي ڪتاب هوندو ۽ مون کي اميد آهي ته پڙهندڙن کي منهنجي آتم ڪهاڻي ۾ سڃاڻپ، يقين ۽ بصيرت نظر ايندي’’
فوجي آفيسرن جي سپريم ڪورٽ جي ججن سان ملاقات جي باري ۾ مبصرن چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ سياسي جماعتون هڪ ٻئي کان گهڻي ويڇي تي آهن ۽ ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سان گڏ عدالت جي اداري ۾ اختلاف جي دوران جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته ملڪ جي لاءِ بهتر ٿيندو
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هفتي وار اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ’’اسان ۽ سعودي ڌر بروقت سفارت خانا بحال ڪرڻ گهرئون ٿا ته جيئن ايراني حج ادا ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب وڃي سگهن، جن کي سفارت خانو وقت سر گهربل خدمتون فراهم ڪري سگهي’’
پاڪستان جو شمار دنيا جي انهن ڏهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪو موسمياتي تبديلين جي ڪري گهڻو متاثر ٿيو آهي. آب و هوا جي تغير جي ڪري نه رڳو غير معمولي برساتيون پيون بلڪه پوئين سال ملڪي تاريخ جو غير معمولي سيلاب ۽ ٻوڏ تمام گهڻو اثر ڏيکاريو
مزید لوڈ کریں