شهر جي مرڪزي اسپتال جي ترجمان وسيم بيگ وائس آف آمريڪا کي ٽيلي فون تي فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته زخمين منجهان ڪيترن جي حالت تشويش ناڪ آهي. هوڏانهن، بندش پيل بلوچ لابريشن آرمي (بي ايل اي) بم ڌماڪي جي ذمي داري قبول ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي
قانون واري وزير چيو آهي ته صدر کي صلاح ڏينداسين ته هو ملڪ جي سربراه طور آئيني ذمي داريون پوريون ڪري ۽ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ڪارڪن جي طور تي ڪم نه ڪري. واضح رهي ته صدر جڏهن ڪنهن قانون تي صحي نه ڪري ۽ ان کي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس منظور ڪري ته اها ڏهن ڏينهن اندر پاڻ مرادو لاڳو ٿي ويندو آهي
هڪ بيان ۾ پينٽاگان جي نائب پريس سيڪريٽري، سيرينا سنگهه چيو آهي ته بچاءَ وارو محڪمو سوشل ميڊيا سائيٽس تي گردش ڪندڙ دستاويزن جي تصويرن جي اصلي هئڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي
آمريڪا، برطانيه ۽ اسرائيل الزام مڙهيندا رهيا آهن ته تازن ورهن دوران ايران جي پاران تيل جي سامونڊي ٽينڪرن ۽ واپارا جي غرض سال هلندڙ سامونڊي جهازن کي نشانو بڻايو ويندو آهي. ليڪن، ايران انهن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي
ويٽيڪن جي ’سينٽ پيٽرز بيسيليڪا’ جي مرڪزي عمارت جي دريءَ مان پوپ فرينسز پنهنجو ساليانو روايتي مذهبي بيان ڏنو ۽ موجود ميڙ ۽ سموري دنيا جي مسيحين ۽ ٻين قومن جي انسانن جي صحت، خوش حاليءَ، سلامتيءَ، امن، ميٺ ۽ محبت عام ٿيڻ جون خصوصي دعائون ڪيون
پاڪستان ۾ خريف جي فصل جي مند عام طور تي اپريل کان سيپٽيمبر تائين هوندي آهي، جنهن ۾ ڪپهه، ڪمند، چانور ۽ ماش جي دال جا فصل پوکيا ويندا آهن. ڇهين اپريل تي ارسا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جي لاءِ اڳ ۾ ئي جاري ’ٽه درجاتي فارمولا’ کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته خميس تي لبنان مان 34 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جن مان 25 کي فضائي دفائي نظام ’آئرن ڊوم’ ذريعي ڪيرايو ويو، جڏهن ته اسرائيلي علائقي ۾ ڪرندڙ پنج راڪيٽن جي باري ۾ اڃا جانچ ڪئي پئي وڃي
قومي سلامتي ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ دهشت گرديءَ جي مقابلي جي لاءِ جامع آپريشن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن جي لاءِ اعليٰ سطح جي هڪ ڪاميٽي به ٺاهي وئي جيڪا ٻن هفتن ۾ پنهنجي سفارش پيش ڪندي
اسحاق ڊار ملڪ ۾ جاري سياسي بي يقينيءَ کي دوري جي منسوخيءَ جو سبب قرار ڏنو آهي. هن خبرن جي ادارن کي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هو ملڪي حالتن جي ڪري آمريڪا جي دوري تي نه وڃي رهيو آهي
ٻڌايو ويو آهي ته ساوند ۽ سندراڻي قبيلي جي وچ ۾ دشمني ڪيترا سال پراڻي آهي، جنهن جي شروعات غيرت جي نالي تي ٿيڻ واري هڪ قتل سان ٿي هئي. ڪيترا سال گزرڻ جي باوجود اها دشمني برقرار آهي جنهن ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن
ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ھن وقت تائين نه پنهنجو منشور پيش ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڪو ميڙاڪو ٿيندي نظر آيو آهي
فوج جو چوڻ آهي ته گلزار امام جي گرفتاري بي اين اي سميت ٻين هٿياربند گروهن جي لاءِ وڏو ڌڪ آهي. ليڪن فوج پنهنجي بيان ۾ اهو نه ٻڌايو آهي ته گلراز امام کي ڪڏهن ۽ ڪٿان گرفتار ڪيو ويو. آئي ايس پي آر مطابق، گلزار امام جا افغانستان ۽ ڀارت جا دورا رڪارڊ تي آهن ۽ سندس ٻاهرين رابطن متعلق ڇنڊ ڇاڻ جاري آهي
مزید لوڈ کریں