ٻئي پاسي وفاقي ڪابينا چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي آهي، ان ڪري ڪابينا ان کي رد ڪري ٿي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته چونڊن جي تاريخ کي پوئتي ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر عدل ۽ انصاف کي قتل ڪيو ويو آهي
اهي جهڙپون اهڙي وقت ٿيون جڏهن مسلمان رمضان جي مهيني ۾ خصوصي عبادتن جي لاءِ اچي رهيا هيا، ساڳئي ئي وقت يهودي ’پاس اوور’ جي ڏڻ ملهائڻ جي تيارين ۾ رڌل هيا. اهو ڪمپائونڊ مسلمانن ۽ يهودين ٻنهي جي لاءِ مقدس هنڌ جي حيثيت رکي ٿو جنهن کي مسلمان مسجد اقصيٰ ۽ يهودي ’ٽيمپل مائونٽ’ چوندا آهن
بچاءَ وارن معاملن جي شعبي جي تجزيه ڪار، عائشه صديقه وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده بحران جو ذمي دار اڳوڻي فوجي قيادت کي قرار ڏئي سگهجي ٿو، جن سياسي نظام ۾ پنهنجي پسند تي ’هڪ ايڪٽر’ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ ان کان مايوس ٿي پراڻي نظام جي طرف واپس هليا ويا
هيءُ قدم پوٽن جي لاءِ حڪمت عملي ۽ سياسي نقصان جو باعث آهي، جيڪو هڪ عرصي کان روس جي پاران نيٽو کي اينگهه ڏيڻ جي شڪايت ڪندو رهيو آهي ۽ هن ان کي يوڪرين تي حملي جو هڪ سبب قرار ڏنو هو
اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهو ٽوئٽر جو مستقل لوگو آهي يا ڪا عارضي تبديلي، ڇو ته ان معاملي ۾ ٽوئٽر پاران ڪو بيان سامھون نه آيو آهي
’’اهو نه ٿو ٿي سگهي ته چيف جسٽس ملڪ جو وزير اعظم بڻجي وڃي، بچاءَ وارو وزير بڻجي وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر به ۽ پارليامينٽ جو ڪردار به سنڀالي وٺي’’. ..پاڪستان کي اڳتي هلڻو آهي ته پارليامينٽ کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻي پوندي. هتي هر هر وزير اعظم کي ’ڪڪ آئوٽ’ ڪيو ٿو وڃي ۽ آمرن جي ڳلي ۾ هار پارايا ٿا وڃن’’
ڇاهتر سالن جو ٽرمپ نيو يارڪ سٽي ۾ وڏي عرصي تائين رهي چڪو آهي. هتي سندس وڏو ريئل اسٽيٽ ڪاروبار آهي ۽ صدر ٺهڻ کان اڳ ڪيترن ئي ورهن تائين شهر جي چمڪندڙ ’ٽيبلائيڊ’ سماجي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو هو
بلاول چيو آهي ته ڀٽي صاحب هارين، نارين، مزدورن ۽ هيڻي طبقي جي مفاد جي ڳالهه ڪئي ۽ سندن زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻ ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ قانوني ۽ عملي قدم کنئيان. اهو ئي سبب آهي جو هيٺيون طبقو اڄ تائين سندس احسان مند آهي
لاهور هائي ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) عباد الرحمان چيو آهي ته حڪومت وٽ 30 ڏينهن جي اندر ان فيصلي جي خلاف اپيل دائر ڪرڻ جو حق آهي، ليڪن ساڳيو ئي ٽه رڪني بينچ حڪومت جي اپيل ٻڌندو. ان ڪري، رليف ملڻ جو گهٽ امڪان آهي
قومي اسمبليءَ ۾ خطاب دوران وزير اعظم سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته چيف جسٽس کان پڇڻ چاهيان ٿو ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج تي انتهائي سخت الزام لڳا آهن، کيس گڏ وهاري ڪيس کي ٻڌو پيو وڃي. چيف جسٽس اهڙي قدم ذريعي قوم کي ڇا پيغام ڏيڻ گهري ٿو
وائس آف آمريڪا سان انٽرويو ۾ مصدق ملڪ چيو ته روس کان تيل جي خريداريءَ جا معاملا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ هينئر تائين سڀ شيون ’آن ٽريڪ’ آهن
انهن چئن خلابازن منجان ٽي آمريڪي ۽ هڪ ڪيناڊا جو آهي. ناسا جو هيءُ مشن جنهن جو نالو ’آرٽيميس ٽو’ آهي، اڳئين سال 11 نومبر تي چنڊ جي مشن تي روانو ٿيندو، ليڪن اهو چنڊ جي سطح تي نه لهندو
مزید لوڈ کریں