چين ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت پنهنجي عوام جي مفادن ۽ هڪ کليل ۽ جامع سياسي ڍانچي جي جوڙ جڪ جي لاءِ بين الاقوامي برادريءَ جي اميدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ڪم ڪندي
فوجداري ڪيس جنهن تان جمعي ڏينهن مهر لاٿي وئي ان ۾ الزامن جا اهي تفصيل پيش ڪيا ويا آهن ته ٽڪشيرا ڪيئن ’ڊسڪارڊ’ نالي آن لائين ميسيجنگ پليٽ فارم کي استعمال ڪندي مبينه طور تي ڪلاسي فائيڊ دستاويز انٽرنيٽ تي جاري ڪيا. اڄ عدالت آڏو هن پنهنجو ڏوهه نه باسيو
جمعي ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ عثمان ٻڌايو ته مڪي پهچي هن عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي آهي جنهن ۾ هن هڪ تصوير به شيئر ڪئي آهي.ان کان اڳ ۽ ٽوئيٽ ۾ هن ٻڌايو ته ڇهه مهينا ۽ 13 ڏينهن ۾ 5400 ڪلوميٽر جو پيادو سفر طئي ڪري هو مڪي پهچي ويو آهي
عدالت پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت کي 21 ارب روپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جڏهن ته 4 اپريل جي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي 11 اپريل تائين فنڊز متعلق عدالت کي آگاه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو
ايف بي آئي خميس ڏينهن رياست ميساچوسٽس ۾ ڪاروائي ڪندي ايئر نيشنل گارڊ جي 21 ورهين جي ملازم جيڪ ٽيڪشيرا کي سرڪاري راز وائکا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آھي
دهلي پوليس ڪمشنر جو اهو حڪم دهلي هائي ڪورٽ جي 2019 جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ھئي ته ھو قانوني دستاويزن ۾ سادي ٻولي استعمال ڪن جيڪا شڪايت ڪندڙ ۽ ڪيس ڪندڙ سموريون ڌريون سولائيءَ سان سمجهي سگهن
آرمي چيف چيو ته دهشت گردن سان مذاڪرات جو نقصان انهن جي وڌيڪ گروه بنديءَ جي صورت ۾ سامهون آيو. ملڪ جي سيڪيورٽيءَ جي لاءِ پاڪستان جي فوج تيار آهي
ٽائيم ميگزين مطابق، پوئين سال جي آخر ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ کان پوءِ جهڙيءَ ريت شيري رحمان ٻوڏ متاثرين جي سڏ ۾ سڏ ڏنو’’اهو ساراهه جوڳو’’ هو
ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ وارن عمل دارن چيو آهي ته گرفتار سيڪيورٽي اهل ڪار انٽيلي جينس معاملن ۾ مهارت رکندڙ آهي ۽ هن آن لائين چيٽ گروپس ۾ دستاويز شائع ڪيا هيا
ڊاڪٽرعائشه غوث پاشا به وائس آف آمريڪا سان خصوصي انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته آئي ايم ايف قرض پروگرام جي بحاليءِ کي ٻاهرين فائنانسنگ جي دستيابيءَ سان مشروط ڪيو ويو هو ۽ دوست ملڪن پاران يقين ڏيارڻ کان پوءِ پاڪستان اسٽاف ليول معاهدي جي ويجهو پهچي چڪو آهي
عالمي بينڪ دنيا جي سڀني کان وڏي ۽ جهوني ترقياتي بينڪ آهي، جنهن جا 189 ملڪ ميمبر آهن. ان عالمي مالياتي اداري جو مشن ’غربت ۾ ڪمي آڻڻ’ ۽ ’ترقي ڪندڙ دنيا ۾ خوش حالي عام ڪرڻ’ آهي
وزير اعظم سونڪ جي دفتر مان جاري ٿيڻ واري بيان مطابق، رشي سونڪ ڀارتي سفارت خاني جي ٻاهران ٿيڻ واري تشدد کي ناقابل قبول قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته برطانيه ۾ انتها پسنديءَ جي لاءِ ڪا جاءِ ڪانهي. هن هائي ڪميشن جي عملي جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ کنئيل قدمن کان کيس آگاه ڪيو
مزید لوڈ کریں