رانا ثنا الله چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪابينا فيصلو ڪري ورتو آهي جنھن کي پارليامينٽ آڏو رکيو ويندو. جڏهن ته ڪابينا پنهنجي حتمي فيصلي کي پارليامينٽ جي هدايتن سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن پارليامينٽ ڪا ٻي راءِ ڏئي ٿي ته ڪابينا ان جي پابندي ڪندي
ايپل ۽ گوگل پلي ٻنهي ايپ اسٽورن تي ان ايپلي ڪيشن جي مالڪ جو تعلق سنگاپور جي ’هيليوفيليا پرائيويٽ لميٽيڊ لسٽيڊ’ آهي. ان ڪمپنيءَ جو ۽ وائيٽ ڊانس ۽ ٽڪ ٽاڪ جو ايڊريس ساڳيو آهي
واضع رهي ته سعودي عرب 2016 ۾ تهران ۾ پنهنجي سفارتخاني تي ٿيندڙ حملي کانپوءِ ايران سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا. ان کان اڳ سعودي حڪومت شيعه عالم نمر باقر النمر کي ڦاهي ڏني هئي، جنهن جي ايران مذمت ڪئي هئي
خزاني واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا اربع ڏينهن پارليامينٽ کي ٻڌايو ته آئي ايم ايف سان ’اسٽاف ليول ايگريمينٽ’ قرض جي ادائگيءَ جي لاءِ فنڊنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي مطالبي جي ڪري دير جو سبب بڻجي رهيو آهي.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ عدالتي فيصلي کي رد ڪري ٿي ۽ وزير اعظم کي پابند ڪري ٿي ته هو ڪابينا کي چوي ته اها فيصلي تي عمل نه ڪري
ڀارت جي سيڪريٽري تجارت سنيل پارٿوال گزريل جمعي تي هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته نئين دهلي بين الاقوامي واپار جي لاءِ روپئي جي استعمال جي حمايت ڪندو
پنجاب جي زراعت کاتي جي هڪ ماهر ٻڌايو آهي ته 8 لک ايڪڙ زمين برساتن ۽ ڳڙي جي ڪري متاثر ٿي آهي. ان ايراضي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ست کان اٺ مڻ في ايڪڙ گهٽجي ويندي. پنجاب ۾ 50 هزار ايڪڙ تي ڳڙا وسيا آهن، جنهن ڪري پيداوار تي مجموعي طور اڍائي لک ٽن جو فرق پوندو
هاڻي ٻارهين درجي جي شاگردن کي اڪبر نامو، بادشاه نامو، مغل حڪمران ۽ سندن سلطنت، قلمي نسخن جي ترتيب، مثالي رياستون، گاديءَ وارا هنڌ ۽ عدالتون، تحفا، شاهي خاندان، شاهي ڪاموري شاهي ۽ مغل اشرافيا جهڙا موضوع پڙهايا ويندا هيا
ٻئي پاسي وفاقي ڪابينا چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي آهي، ان ڪري ڪابينا ان کي رد ڪري ٿي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ وزير اعظم شهباز شريف قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته چونڊن جي تاريخ کي پوئتي ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ دفعو ٻيهر عدل ۽ انصاف کي قتل ڪيو ويو آهي
اهي جهڙپون اهڙي وقت ٿيون جڏهن مسلمان رمضان جي مهيني ۾ خصوصي عبادتن جي لاءِ اچي رهيا هيا، ساڳئي ئي وقت يهودي ’پاس اوور’ جي ڏڻ ملهائڻ جي تيارين ۾ رڌل هيا. اهو ڪمپائونڊ مسلمانن ۽ يهودين ٻنهي جي لاءِ مقدس هنڌ جي حيثيت رکي ٿو جنهن کي مسلمان مسجد اقصيٰ ۽ يهودي ’ٽيمپل مائونٽ’ چوندا آهن
بچاءَ وارن معاملن جي شعبي جي تجزيه ڪار، عائشه صديقه وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده بحران جو ذمي دار اڳوڻي فوجي قيادت کي قرار ڏئي سگهجي ٿو، جن سياسي نظام ۾ پنهنجي پسند تي ’هڪ ايڪٽر’ کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ ان کان مايوس ٿي پراڻي نظام جي طرف واپس هليا ويا
هيءُ قدم پوٽن جي لاءِ حڪمت عملي ۽ سياسي نقصان جو باعث آهي، جيڪو هڪ عرصي کان روس جي پاران نيٽو کي اينگهه ڏيڻ جي شڪايت ڪندو رهيو آهي ۽ هن ان کي يوڪرين تي حملي جو هڪ سبب قرار ڏنو هو
مزید لوڈ کریں