پاڪستان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تنازعي وارو علائقو آهي جتي هن قسم جو اجلاس منعقد ڪرڻ يا تقريبون ڪرڻ ڪشمير تي گڏيل قومن جي اداري جي قراردادن، عالمي قانون ۽ عالمي اداري جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي آهي
سيپٽمبر1960 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت عالمي بينڪ جي ٽياڪڙيءَ ۾ سنڌ طاس معاهدي تي صحيون ڪيون هيون. ان معاهدي هيٺ اولهندي پاسي وهندڙ ٽن درياهن، يعني سنڌ، جهلم ۽ چناب جو ڪنٽرول پاڪستان جي حوالي ڪيو ويو هو، جڏهن ته اوڀر جي ٽن درياهن راوي، ستلج ۽ بياس تي ڀارت جو حق تسليم ڪيو ويو هو
مفتي سعيد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ بشرا بي بيءَ جي خلاف عدت ۾ نڪاح جي ڪيس ۾ عدالت آڏو اربع ڏينهن قسم کڻي بيان رڪارڊ ڪرايو. سندس لفظن ۾، ’’عمران خان مون کي ٻڌايو ته نومبر 2017 ۾ بشرا بي بيءَ جي طلاق ٿي هئي ۽ پهرئين نڪاح جي وقت بشرا جي عدت جو مدو پورو نه ٿيو هو’’
هڪ تازي سروي مان پتو پوي ٿو ته ڏهن منجهان چار آمريڪي ڪنهن حد تائين اليڪٽرڪ گاڏين جي طرف مائل ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ٻين کي تيل سان هلڻ واريون گاڏيون وڌيڪ پسند آهن
ايسوسي ايٽڊ پريس موجب هڪ دستاويز ۾ يوڪرين جي جنگ ۾ روسي فوجين جي جاني نقصان جو اندازو پيش ڪيو ويو آھي، جيڪو آمريڪي عملدارن پاران عوام کي ڏنل انگن اکرن کان گهٽ آهي
پاڪستان ۾ گذريل سال مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 12.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي جيڪا شماريات جي اداري موجب هاڻ 35.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي
آگسٽ 2021 ۾ ملڪ تي طالبان جي قبضي کان پوءِ ’اين ايف آر’ پسپائي اختيارڪري پنجشير صوبي جي هڪ ڏورانهين جابلو واديءَ جو رخ ڪيو هو، جڏهن پنجشير طالبان جي پاران ملڪ تي مڪمل قبضي تائين ان جي خلاف وڙهڻ وارو آخري صوبو وڃي بچيو هو
روسي خبرن جي اداري جمعي ڏينهن چيو ته ان تي جاسوسيءَ جو الزام مڙهيو ويو آهي، جنهن الزام جي گيرشڪووچ ۽ سندس اخبار ترديد ڪئي آهي
اڇي رنگ جي ٽي شرٽ ۽ ڪاري رنگ جي جيڪيٽ پاتل ان نيوز ڪاسٽر ڪلاسيڪل عربيءَ ۾ پنهنجي سڃاڻپ هنن لفظن ۾ ڪرائي، ’’مان فضه آهيان، ڪويت جي پهرين پريزنٽر جيڪا ڪويت نيوز ۾ مصنوعي ذهانت سان ڪم ڪندي آهيان. توهان ڪنهن قسم جي خبرن کي ترجيح ڏيندا آهيو؟ اچو ته توهان جي راءِ ٻڌئون’’
چين اميت شاه جي دوري جي سختيءَ سان مخالفت ڪندي چيو آهي ته ان علائقي ۾ سندس سرگرميون چين جي علائقي جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي. هو ان کان اڳ به ڀارتي اڳواڻن جي اروناچل دوري جي مخالفت ڪندو رهيو آهي
سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبليءَ جون چونڊون 14 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ليڪن وفاقي حڪومت اعليٰ عدالت جي ان حڪم تي عمل درآمد نه ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي. حڪومت سموري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ذريعي هڪ قرارداد به منظور ڪئي آهي
پوين ٽن سالن دوران آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس جي ڪري 10 لکن کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن. نيشنل امرجينسي جي ذريعي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي هنگامي قدم کنيان، جڏهن ته ان سلسلي ۾ اربين ڊالر جي رقم خرچ ڪئي وئي
مزید لوڈ کریں